Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا         جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تلاوت ڪرڻ جون سُنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! تلاوت جون سنتون ۽ آداب جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) فرمايائون: قرآن پڙھو ڇوته اهو قيامت جي ڏينهن پنهنجي اصحاب جي لاءِ شفيع (شفاعت ڪرڻ وارو) ٿي ايندو۔ (مسلم ، ڪتاب صلاۃ المسافرين وقصرها، باب فضل قراء ۃ القرآن وسورۃ البقرۃ، ص۳۱۴، حديث:۱۸۷۴) (2) فرمايائون: منهنجي اُمَّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآن آهي. (شعب الايمان للبيهقي، باب في تعظيم القرآن، فصل في ارمان تلاوته، دون اللفظ’’تلاوۃ‘‘ ۲/۳۵۴،حديث:۲۰۲۲)٭قرآنِ پاڪ کي سٺي آٓواز سان ۽ رڪي رڪي پڙھڻ سنت آهي۔(احياء العلوم،۱/۸۴۳) ٭مستحب هي آهي ته باوضو قبلي ڏانهن منهن ڪري سٺا ڪپڙا پائي تلاوت ڪري۔ (بهار شريعت،جلد۱، حصه۳، ص۵۵۰)٭تلاوت جي شروع ۾ ’’اَعُوْذُ‘‘ پڙھڻ مستحب آهي ۽ سورت جي ابتداء ۾ ’’بِسْمِ الله‘‘ پڙھڻ سنت آهي نه ته مستحب آهي۔(صراط الجنان،۱/۲۱)٭قرآن مجيد ڏسي پڙهڻ زباني پڙهڻ کان افضل آهي۔ (صراط الجنان،۱/۲۱) ٭ قرآن پاڪ ڏسي تلاوت ڪرڻ تي ٻه هزار نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ زباني پڙهڻ تي هڪ هزار۔(ڪنزالعمال،ڪتاب الاذڪار،قسم الاقوال،الباب في تلاوۃالقرآن الخ رقم۲۳۰۱،ج۱،ص۲۶۰ملخصاً) ٭قرآنِ ڪريم جي تلاوت وقت روئڻ مستحب آهي۔ (صراط الجنان ، ۵/۵۲۶) ٭ جڏهن بلند



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵