Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

”ڪرم يارسولَ الله“ جي تيرهن اکرن جي نسبت سان

پاڻي پيئڻ جا 13 مدني گل

          ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1) اُٺ وانگر هڪ ئي ساهي ۾ نه پيو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسۡمِ الله پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلحَمۡدُ لله چوندا ڪريو. (ترمذي ج 3 ص 352 حديث 1892) (2) نبيّ اَڪرم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿانوءَ ۾ ساهه کڻڻ يا ڦوڪ ڏيڻ کان منع فرمايو آهي

(ابو داؤد ج 3 ص 474 حديث 3728)

مُفَسّر شَهير، حڪيمُ الاُمت حضرت مفتي احمد يار خان عَليهِ رَحمةُ الۡحَنَّان هن حديث شريف تحت فرمائن ٿا: ٿانوءَ ۾ ساهه کڻڻ جانورن جو ڪم آهي، ۽ ساهه ڪڏهن زهريلو پڻ هوندو آهي انهي ڪري ٿانوءَ مان وات پري ڪري ساهه کڻو (يعني ساهه کڻڻ مهل گلاس جدا ڪيو) گرم کير يا چانهه کي ڦوڪن سان ٿڌو نه ڪيو بلڪ ڪجھ دير صبر ڪري ڪجھ ٿڌي ٿيڻ تي پيئو (مراٰة ج 6 ص 77) البت دُرود پاڪ وغيره پڙهي شِفا جي نيّت سان دم ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي * پيئڻ کان پهرين بِسۡمِ الله پڙهو * چوسي ڪري ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀريو، وڏا ڍُڪ ڀَرڻ سان جگر جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽئي ساهه ۾ پيئو * ساڄي هٿ سان ۽ ويهي پاڻي پيئو * ڪؤنري وغيره مان وضو ڪيو ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي ۽ اهو آبِ زمزم شريف سان مشابهت رکي ٿو، ان ٻنهي (يعني وضو جو بچيل پاڻي ۽ آب زمزم شريف) کان علاوه ٻيو ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي ـ (فتاويٰ رضويه ج 4 ص 575، ج 21 ص 669) اهي پاڻي قبلي ڏانهن منهن ڪري پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوءَ ۾ ڪا نقصان واري شيء وغيره ته ناهي (اتحاف السادة للزبيدي ج 5 ص 594) *پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله