Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

v      الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها اهڙا مستجاب الدعوات هوندا آهن جو انهن جون دعائون رد نه ڪيون وينديون آهن۔

v      الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها چاهي ڪيتري ئي طويل مسافت تي موجود هجن حالتِ نزع ۾ شيطان کان اسان جو ايمان بچائيندا آهن۔

v      الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي بارگاھ ۾ پنهنجي دلين کي قابو ۾ رکڻ گھرجي ڇوته هي نيڪ هستيون دلين کان به باخبر هونديون آهن۔

v      الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها زندگي ۾ ته ماڻهن کي نفعو پهچائيندا آهن وفات بعد به پريشان حالن جي دستگيري ڪندا آهن ۔

تنهنڪري اسان کي الله جي انهن برگزيده ٻانهن جي باري ۾ حسنِ ظن رکندي انهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ گھرجي، انهن جي سيرت جو مطالعو ڪري انهن جي نقش قدم تي هلڻ گھرجي۔

صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب!                                                      صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری سنت کا مدینہ بنے آقا

جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد