Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.

 (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)     

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

*نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا وڇائي ويهندس *ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٽي سون بڻجي وئي

هڪ ڀيري هڪ عورت بابا فريدُ الدين مسعود گنجِ شڪر رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي چيائين ته يا حضرت! منهنجون ٽي (3) جوان ڌيئرون آهن، جن جي شادي ڪرڻي آهي، اوهان مدد فرمايو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه خادمن کي فرمايو: جيڪو ڪجھ به درگاھ ۾ مَوجُود آهي اهو عورت کي ڏئي ڇڏيو۔ خادمن عرض ڪيو: سائين! اڄ ڪجھ به باقي ناهي بچيو۔ اهو ٻڌي عورت روئڻ لڳي ته مان نهايت مجبور آهيان ۽ وڏي اميد وٺي آئي آهيان، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه  جن فرمايو: ته