Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

اولياء ڪرام وفات کان بعد به نفعو پهچائن ٿا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جا مقبول ٻانها جڏهن ان جي احڪام تي عمل جي ذريعي ان جي رضا ۽ خُوشنودي حاصل ڪري وٺندا آهن ته رَبِّ ذُوالجلال پنهنجي قدرت ۽ ڪمال سان دنيا ۾ ته انهن کي بي مثال عُروج ۽ ڪمال سان نوازيندو ئي آهي بلڪ هي بزرگ وِصال کان پوءِ به ماڻهن تان رنج ۽ ملال کي پري ڪرڻ جي قُدرت بي مثال رکن ٿا۔ اولياء ڪرام کي جيڪي طاقتون زندگي ۾ حاصل ٿينديون آهن اهي مرڻ کان بعد نه صرف باقي رهن ٿيون بلڪ انهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو آهي ڇوته اولياء ڪرام رَحِمَهمُ الله تَعَالٰي ربِّ ڪائنات عَزَّ وَجَلَّ جي عنايتن سان مَزارن ۾ نه صرف حيات هوندا آهن بلڪ زائرين جي هدايت ۽ اِعانت (مدد) به ڪندا آهن ۔ حضرت سَيدُنا امام اسماعيل حقي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: انبياء، اولياء ۽ شهداء جا جسم قبرن ۾ به نه ڪي مُتَغَير ٿيندا آهن ۽ نه ئي بوسيده ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي جسمن کي ان خرابي کان جيڪا گوشت جي ڳرڻ سَڙڻ سان پيدا ٿيندي آهي، محفوظ رکيو آهي۔  (تفسير روح البيان،پ۱۰،التوبۃ،تحت الايۃ:۴۱، ۳/۴۳۹)

حضرت سيدنا امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: جنهن کان حياتي ۾ مدد طلب ڪري سگھجي ٿي انهن تمام کان وفات بعد به مدد طلب ڪري سگھجي ٿي۔ مشائخِ عظام رَحِمَهمُ الله تَعَالٰي جو فرمان آهي: چار بُزرگ اهي آهن جيڪي ساڳي طرح تَصَرُّف فرمائن ٿا جيئن پنهنجي زندگي ۾ تصرف ڪندا هئا (اهي وفات کان بعد حياتي کان) ڪيئي ڀيرا وڌيڪ تصرف فرمائن ٿا: حضرت سيدنا مَعروف ڪرخي حضرت سَيدُنا شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيهما ۽ ٻه انهن کان علاوه (حضرت سَيدُنا شيخ عقيل منجبي ۽ حضرت سَيدُنا شيخ حيا بن قيس الحراني رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيهما) آهن۔ (بهجۃالاسرار، ص ۱۲۴،لمعات التنقيح ، ڪتاب الجنائز،باب زيارۃ القبور،۴ /۲۱۵، تحت الباب:۸)