Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

پاڻي تي تصرفات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اولياء ڪرام کي الله عَزَّوَجَلَّ هوا ۾ اُڏامڻ جي طاقت عطا ڪئي آهي جيڪي بنا پرن جي آساني سان هوا ۾ اڏامندي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ پهچي سگھن ٿا ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جا ڪجهه نيڪ ٻانها اهڙا به هوندا آهن جيڪي سمنڊن ۽ دريائن کي به پنهنجو تابع ڪندا آهن ۽ پاڻي تي بلاخوف اهڙي طرح هلي سگھن ٿا جهڙيئ طرح خشڪي تي هلندا آهن، جيئن

سٺ هزارن جو لشڪر دريا ۾

  روايتن۾اچي ٿو ته جنگِ فارس ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه اسلامي لشڪر جا سپه سالار هئا۔ سفر دوران رستي ۾ درياء دجله کي پار ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ ٻيڙيون موجود نه هيون۔ پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه لشڪر کي دريا ۾ هلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ سڀني کان اڳ هي دُعا پڙھندي دريا تي هلڻ لڳا ”نَسْتَعِينُ بِالله وَنَتَوَکلُ عَلَيه وَحَسْبُنَا الله وَنِعْمَ الْوَکيلُ وَلَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِالله الْعَلِي الْعَظِيمِ“ ماڻهو پاڻ ۾ بلا جھجڪ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندي گھوڙن وارا گھوڙن تي سوار، اُٺن وارا اٺن تي سوار، پيدل هلڻ وارا پيدل پنهنجي پنهنجي سامانن سان گڏ دريا تي اهڙي طرح هلڻ لڳا جهڙي طرح ميدانن ۾ قافلا گذرندا رهندا آهن۔ (دلائل النبوۃ لابي نعيم، الفصل التاسع و العشرون، عبور سعد بن ابي وقاص...الخ، جزء ۲،ص۳۴۱-۳۴۲۔رقم: ۵۲۲ملخصاً)

آسمانن تي به حڪمراني

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اللهعَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها ان جي ڏنل طاقت سان پاڻي ۽ هوا تي به هلي سگھن ٿا ۽ هي حضرات اهڙي شان وارا هوندا آهن جو انهن جون دُعائون رَد ناهن ٿينديون سخت ڏڪار جي عالم ۾ جڏهن بارگاھ خداوندي ۾ هٿ کڻي برسات جي دُعا ڪن ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي دعائن جي برڪت سان ڇما ڇم برسات وسائي اُڃايلن کي سيراب ۽ کيتن ۽ باغن کي سرسبز وشاداب ڪري ڇڏيندو آهي جيئن ته