Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

چئو * حُجَّةُ الاسلام حضرت سيِّدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بِسۡمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلۡحَمۡدُلله ٻي کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله رَبِّ العٰلَمِيۡن ۽ ٽين کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله رَبِّ العٰلَمِيۡنِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙهي. (احياءُالعلوم ج 2 ص 8) *گلاس مان بچيل مسلمان جي اَوبر وارو صاف پاڻي کي استعمال لائق هجڻ جي باوجود هروڀرو اڇلائڻ نه کپي * منقول آهي: سُـؤرُ المُؤمِنِ شِفاءُ يعني مسلمان جي اوبر ۾ شِفا آهي ـ (الفتاويٰ الفقيهة الڪبريٰ لابن حجر الهيتمي ج 4 ص 117، ڪشف الخفاء ج 1 ص 384) & پيئڻ جي ڪجھ گھڙي بعد خالي گلاس کي ڏسندا ته ان جي ديوارن مان ڪجھ قطرا هيٺ جمع ٿي چڪا هوندا ان کي به پي ڇڏيوـ

صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب!                                                                صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.