Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

مرشد کان بداعتقادي سبب چهرو ڪارو ٿي ويو

حضرت جُنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ مريد کائنس ڪجھ بداعتقاد ٿي ويو ۽ هي سمجهيائين ته ان کي به مقام معرفت حاصل ٿي ويو آهي. هاڻي کيس مرشد جي ضرورت ناهي رهي، تنهنڪري هو خاموشي سان حضرت سَيدُناجنيد بغدادي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه جي بارگاھ مان منهن موڙي هليو۔ پوءِ هڪ ڏينهن هي ڏسڻ ۽ آزمائڻ آيو ته ڇا حضرت سَيدُنا جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه ان جي دل جي خيالن کان آگاھ آهن يا نه؟ هوڏانهن حضرت سَيدُنا جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه به نُورِ فراست سان ان جي حالت مُلاحظه ڪري ورتي۔ پوءِ جڏهن هو مُريد آيو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه کان هڪ سوال پڇيو جنهن جو هي جواب ارشاد فرمايائون:” ڪهڙو جواب چاهين ٿو، لفظن ۾ يا معني ۾؟ چيائين: ٻنهي ۾ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمايائون: جيڪڏهن لفظي جواب چاهين ٿو ته ٻڌ! جيڪڏهن مون کي آزمائڻ کان پهريان پاڻ کي آزماءِ ۽ پرکي وٺين ها ته تو کي مون کي آزمائڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها ۽ نه ئي تون هتي مون کي آزمائڻ اچين ها۔ معنوي جواب هي آهي ته مون تو کي ولايت جي منصب کان لاهي ڇڏيو۔“ هي لفظ نڪتا ۽ ان مريد جو چهرو ڪارو ٿي ويو۔ هو آهو و زاري ڪندي عرض گذار ٿيو: حضور يقين جي راحت منهنجي دل مان وڃي رهي آهي۔ پوءِ توبه ڪئي ۽ فُضُول ڳالهين تي به ندامت جو اظهار ڪيو ته حضرت سيدنا جنيد بغدادي
رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمايائون: توکي خبر ناهي ته اولياء واقفِ اسرار هوندا آهن تو ۾ ان جي ضرب جي برداشت ناهي. (ڪشف المحجوب، ص ۱۳۷)

اسان کي به گھرجي ته ڪنهن ولي کي هرگز نه آزمايون نه ڪنهن ولي کان بد ظن ٿيون ۽ نه ئي دل ۾ ڪنهن ولي الله جي دشمني رکون سردارِاوليا و انبيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: اللهعَزَّ وَجَلَّ ارشادفرمائي ٿو: مَنْ عَادَي لِي وَلِيًّا فَقَدْ آذَنْتُهُ بِالْحَرْبِ يعني ”جنهن منهنجي ڪنهن ولي سان دشمني ڪئي مان ان سان