Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

زمين ڪنهن جي آهي؟ حاڪم جواب سان مطمئن نه ٿيو ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جي تقاضا ڪيائين۔ حضرت بابافريدُالدين گنج شڪر رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايائون: مون وٽ نه تحريري ثبوت آهي نه ڪو شاهد، جيڪڏهن تحقيق دَرڪار آهي ته زمين جي انهيءَ خِطي کان پڇي وٺو۔ حاڪم هي جواب ٻڌي سخت حيران ٿيو، لهٰذا خود ان اَراضي تي ويو ايستائين جو ماڻهن جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو۔ حاڪم زمين کان پڇيو: اي زمين! ٻڌاءِ تنهنجو مالڪ ڪير آهي؟ زمين وڏي آوازِ سان چيو: مان وڏي عرصي کان حضرت بابا فريد گنج شڪر (رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) جي ملڪيت ۾ آهيان۔ اهو ٻڌندي ئي حاڪم ۽ تمام حاضرين حيران رهجي ويا۔

(سير الاقطاب مترجم ، ص ۱۹۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته الله وارا زمين تي به تَصرُّف ڪري سگھن ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي زمين کي حڪم فرمائي ان کي پنهنجي حق ۾ گواهه بڻائي وٺندا آهن ۽ هي مدني گل به سکڻ لاءِ مليو ته ڪڏهن به ڪنهن جي جائداد ۽ مال تي ناحق قبضو نه ڪرڻ گھرجي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ سيپاري 2سُوْرَۃُ الْبَقَره آيت نمبر188 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَا تَاۡکُلُوۡۤا اَمۡوَالَکُمۡ بَیۡنَکُمۡ بِالۡبَاطِلِ

 

ترجموڪنزالايمان :۽ پاڻ ۾ هِڪ ٻِئي جو مال ناحق نه کائو

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هن آيتِ مُبارڪه ۾ ناجائز طريقي سان ڪنهن جو مال کائڻ کي حرام قرار ڏنو آهي ۔ ان جون مختلف صورتون آهن: ڪنهن جو مال غصب ڪرڻ، ڪنهن جو مال ڦرڻ، لَهو ۽لَعِب(راند روند  جي نتيجي ۾ ٻين جو مال وٺي وٺڻ، جيئن جُوا جي ذريعي مال حاصل ڪرڻ، يا ڳائڻي  جو ڳائڻ وڄائڻ ڪري ان جي اُجرت وٺڻ، رشوت وٺڻ، ٻي جي مال ۾ خيانت ڪرڻ، هي آيت هنن تمام قسمن جي ڪمن کي شامل آهي۔

( تفسير البغوي،پ۲،سورة البقرة،تحت الآية:۱۸۸، ۱/ ۱۱۴ )