Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

ڪامل مُرشِد سان بيعت ڪري وٺو

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هن حڪايت مان خبر پئي ته الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن کي ايتري قدر طاقت عطا فرمائي آهي جو هي حضرات ميلن کان پري جا احوال ملاحظه ڪري وٺن ٿا بلڪ مدد به ڪن ٿا جيئن ته حضرت شيخ نجمُ الدين ڪبرٰي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي مريد جي آخري وقت ۾ شيطان کان انهن جو ايمان بچائي ورتو ۽ پڻ هي به معلوم ٿيو ته دنيا ۾ ڪنهن نيڪ ۽ جامع شرائط پير جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ يعني ان جو مُريد ٿيڻ ايمان جي حفاظت جي لاءِ مُفيد آهي۔ ڪنهن کي پير ان ڪري بڻايو ويندو آهي ته جيئن آخرت جي معاملن ۾ بهتري اچي ان جي رهنمائي ۽ باطني توجُّه جي بَرَڪت سان مُريد اللهعَزَّ وَجَلَّ ۽ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي ناراضي وارن ڪمن کان بچندي رِضاء رَبُّ الاَنام جي مَدَني ڪم جي مُطابق پنهنجا ڏينهن رات گُذاري سگھي۔ پر اَفسوس! اڄوڪي زماني ۾ اڪثر ماڻهن پيري مُريدي جهڙي اَهم مَنصَب کي دُنيا حاصل ڪرڻ جو ذَرِيعو بڻائي رکيو آهي۔ بي شُمار بدعَقيده ۽ گمراه ماڻهو به تَصَوُّف جو ظاهري لباس پائي ماڻهن جي دِين ۽ اِيمان کي برباد ڪري رهيا آهن۔ ڪامل پير جا شرط ۽ وصف ۽ ٻي وڌيڪ معلومات جي لاءِ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب آداب مرشد ڪامل جو مطالعو ڪيو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مفيد معلومات سان گڏوگڏ مرشد ڪامل سان بيعت ٿيڻ جو ذهن بڻجندو۔ جيڪڏهن اوهان اڃا تائين ڪنهن پير صاحب کان مُريد نه ٿيا آهيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄوڪي دور ۾ مرشدِ ڪامل جي هڪ مثال شَيخ طريقت، اميرِاَهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه به آهن اوهان انهن سان مُريد ٿي سگھو ٿا، جنهن جي تَقويٰ ۽ پرهيز گاري جي برڪت دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي صورت ۾