Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

اچو! انهيءَ ضمن  ۾ ٻه اهڙا ايمان افروز واقعا ٻڌون ٿا جنهن ۾ اولياء ڪرام بعدِ وصال پنهنجي مزارن تي حاضري ڏيڻ وارن جي حاجت روائي فرمائي، جيئن ته

وصال بعد حاجت روائي

حضرت شيخ عمرفاروثي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون کي ڪيئي ڀيرا امام رفاعي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه جي مزارِ اقدس تي حاضري جي سعادت نصيب ٿي، هڪ ڀيري ته ائين به ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه قبر مبارڪ مان وڏي آواز سان منهنجي هڪ حاجت جي باري ۾ فرمايو: وڃ! تنهنجي حاجت پوري ڪئي وئي۔

                                                          (جامع کرامات الاولیاء،۱/۴۹۱)

قرض معاف ٿي ويو

حضرتِ سَيدُناحميدي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مون تي قرض هو، انهيء پريشاني جي عالَم ۾ مان حضرتِ سَيدُنا محمد بن جعفر حسيني رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزار شريف تي حاضر ٿيس، ۽ اتي ويهي ڪجھ دير قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ روئي پيس، هڪ زائر (يعني مزار جي زيارت جي لاءِ ايندڙ) منهنجو روئڻ ٻڌي ورتو ۽ مون کي ڪجھ سون ڏنو ۽ چيو: هن صاحبِ مزار جي خاطر هي سون وٺو۔ مون اهو سون ورتو ۽ هلڻ لڳس، اڃا ڪجھ ئي قدم هليو هئس ته منهنجو قرض خواهه اچي ويو، مون کي ڏسي مُرڪي چيائين: هي سون ان زائر کي واپس ڪري ڇڏيو ڇوته مان اَجر ۽ ثواب جو ان جي مقابلي ۾ وڌيڪ حق دار آهيان۔ مون قرض خواه کان ان مُعافي جو سبب پڇيو ته اوهان کي منهنجو خيال ڪنهن ٻڌايو آهي؟ هو چوڻ لڳو: مون هن قبر واري بُزرگ کي خواب ۾ ڏٺو، انهن مون کي چيو ته جيڪڏهن تون حميدي سان دَر گُذر ڪندين ته مان تو کي جنّت ۾ محل ڏياريندس، پوءِ ان قرض خواهه نه رڳو منهنجو قرض مُعاف ڪري ڇڏيو بلڪ مون کي وڌيڪ ڇھ دِرهم به ڏئي ڇڏيا۔

(جامع ڪراماتِ اوليا،ذڪر محمد بن جعفر الحسيني،۱/۱۷۲)