Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

ڏئي سگھي، الله عَزَّوَجَلَّ جا محبوب ٻانها ان جي ڏنل اختيارن ذريعي تَصرُّف فرمائيندا آهن ، جيڪڏهن ڪو مُحتاج انهن جي بارگاھ ۾ سوال لاءِ هٿ ڦهلائي ته حاجت رَوائي ڪندا آهن، مُصيبت زَده جي مُشڪل ڪشائي ڪندا آهن ، بيمارن کي شفايابي عطا ڪندا آهن فقط اهو ئي نه بلڪ اولياء ڪرام ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي ڏنل طاقت سان مُردن کي به زنده فرمائي ڇڏيندا آهن ، جيئن ته

هاٿي زنده ٿي ويو

هڪ ڀيري حضرت سيّدي احمد جام زنده پِيل رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ هنڌ تي ماڻهن جو ميڙ نظر آيو، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان ميڙ ڏانهن تشريف کڻي ويا۔ فرمايائون: ڇا ٿيو آهي؟ ماڻهن عرض ڪيو: هاٿي مري ويو آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمايائون: ان جي سُونڍ صحيح آهي، اکيون به سلامت آهن، هٿ به اُهڙا ئي آهن، پير به اُهڙا ئي آهن۔ غرض سڀني شين کي فرمايو ته اهڙا ئي آهن پوءِ مري ڪيئن ويو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو هي چوڻ هو جو هڪدم اهو هاٿي زندهه ٿي ويو، ان ڏينهن کان سندن لقب ”زندهه پِيل“ (يعني هاٿي زنده ڪرڻ وارا) ٿي ويو۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت ،ص۴۴۹)

ڇا ٻانهو مُئل زنده ڪري سگهي ٿو؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ موت ۽زندگي الله عَزَّ وَجَلَّ جي اختيار ۾ آهي پر الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي مُئل جيئري ڪرڻ جي طاقت بخشي ته ان جي لاءِ ڪو مشڪل  ناهي ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي عطا سان اسان ڪنهن ٻئي کي مُردا جياريندڙ مڃون ته ان سان اسان جي ايمان تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي۔ جيڪڏهن شيطان جي ڳالهين ۾ اچي ڪنهن پنهنجي ذهن ۾ اِهو ويهاري ڇڏيو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ڪنهن ٻئي کي مُئل جيارڻ جي طاقت ئي ناهي ڏني ته ان جو اِهو نظريو رکڻ يقينًا قرآن پاڪ جي آيت جي سراسر خلاف آهي۔