Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

جنگ جو اعلان ڪيان ٿو۔“   (بخاري،ڪتاب الرقاق،باب التواضع... الخ ،۴/ ۲۴۸،حديث:۶۵۰۲)

الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي دلين ۾ تاحيات اولياء ڪرام جو ادب واحترام قائم رکي ۽ انهن جي شان ۾ بي ادبي ڪرڻ وارن جي بري صحبت کان محفوظ فرمائي۔          

                                                  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

محفوظ سدا رکھنا شہا بے ادبوں سے

اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادبی ہو

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب  !                                                                                             صلَّي الله تعالٰي علٰي محمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن سان بُغض رکڻ، انهن جي شان ۾ بي ادبي ڪرڻ، انهن کي طرح طرح سان سَتائڻ، انهن جي مال ۽ جائداد تي قبضو ڪري انهن کي تڪليف پهچائڻ سراسر ناداني ۽ دنيا وآخرت جي بربادي جو سبب آهي۔ هنن پاڪ هستين جي شان وعظمت ته اهڙي بُلند ۽ اوچي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن مُعاملي ۾ سڀئي ماڻهو انهن جي خلاف گواهي ڏيڻ جي لاءِ مُتحد ٿي وڃن پر الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي صداقت ۽ اَمانت جي گواهي جي لاءِ ضرور ڪو سبب پيدا فرمائي ڇڏيندو آهي جنهن سان انهن جي شان ۽ عظمت ، عزت ۽ شُهرت ماڻهن جي دلين ۾ مزيد اُجاگر ٿي ويندي آهي، جيئن ته

زمين شاهدي ڏني:

هڪ شخص شهر جي حاڪم جي عدالت ۾ حضرت بابا فريدُالدين مسعود گنج شڪر رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي زمين تي مِلڪيت جي ناجائز دعوي ڪري ورتي ، پوءِ حاڪم پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه وٽ پيغام موڪليو ته زمين جي ملڪيت جو ثُبوت پيش ڪيو؟ پاڻرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايائون: ماڻهن کان پڇي وٺو ته هي