Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”يوم تعطيل اعتڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ بنائڻ، گناهن کان بچڻ ۽ ٻين کي بچائڻ ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ مزيد تَرقّي جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هي اِعْتِـڪاف مسجد ۾ ٿيندو آهي ته ان سان مسجدون به آباد رهنديون ۽ مسجد جي آداب جو خيال رکڻ ۽ هر طرح جي بي اَدَبي کان بچڻ جي صُورت ۾ اسان جو مسجد ۾ گذاريل هر هر گھڙي به عِبادَت ۾ شُمار ٿيندي، مسجد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو وڌ کان وڌ وقت گُذارڻ جي وڏي فضيلت آهي جيئن

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدْرِي رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته (سيپاري 10 سُورة التوبه آيت نمبر 18 ۾ ) الله خالق ۽ مالڪ  عَزَّ وَجَلَّ  جو ارشادِ پاڪ آهي :

اِنَّمَا یَعۡمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰہِ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ                                     (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)

ترجمو ڪنز الايمان : الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن (ٿا).

   (ترمذی ، کتاب الایمان ، با ب ماجا ء فی حرمۃ الصلوۃ ،رقم: ۲۶۲۶ ،۴/۲۸۰ )

   حضرت سَيدُنا ابُوسَعِيد خُدري رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته رحمت عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ارشاد جيڪو مسجد سان مَحَبَّت ڪندو آهي الله عَزَّ وَجَلَّ ان کي پنهنجو مَحبوب بڻائي ڇڏيندو آهي۔

                                                         (مجمع الزوائد ،کتا ب الصلوۃ ،با ب لزوم المساجد ،رقم:۲۰۳۱ ،۲/۱۳۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  دعوتِ اسلامي سنّتن ڀري غير سياسي مَدَني