Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

ڇڏيو۔ هي سڀ دعوتِ اسلامي جو فيضان آهي نه ته ان وقت خبر ناهي ته مان ڪهڙي حال ۾ هجان ها!

بنایا مجھ کو اپنا ہے تیرا احسان ہے مرشد

ملا مجھ کو یہ رتبہ ہے تیرا احسان ہے مرشد

تیری نسبت نے مجھ کو کر دیا ہے کیا سے کیا مرشد

رکھا کیا مجھ میں ورنہ ہے تیرا احسان ہے مرشد

بھٹکتا پھر رہا تھا دشتِ عصیاں

صَلُّوا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به موقعو ملي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي بارگاھ مان فيض ماڻڻ جي لاءِ انهن جي صحبت ۾ ويهڻ گھرجي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان گڏوگڏ دل ۾ هي ارادو به هئڻ گھرجي ته مان انهن کان ديني ۽ اُخْروي فائدي جي لاءِ انهن جي صحبت اختيار ڪري رهيو آهيان۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪرڻ جو هڪ فائده هي به ٿيندو آهي ته انهن جي سيرت ۽ ڪردار ۽ سٺا عمل ڏسي پاڻ کي به گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جي توفيق ملي ويندي آهي، دل جي سختي دور ٿيندي آهي ان ۾ رِقَّت ۽ نرمي پيدا ٿي ويندي آهي، ايمان تي خاتمو ۽ قبر ۽ حشر جي هولناڪ مُعاملن جي فڪر نصيب ٿيندي آهي۔ پر جڏهن به اها سعادت نصيب ٿئي ته ڪنهن دُنياوي لالچ ۾ هرگز نه وڃو بلڪه ديني نفعو حاصل ڪرڻ جي نيت سان وڃڻ گھرجي، جيئن

دل جي ڳالھ ڄاڻي ورتي

شيخِ طريقت، امير اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيهفيضانِ سنّت جلد اول صفحه 419 تي نقل فرمائن ٿا: حضرت داتا گنجِ بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اسان ٽي دوست حضرت سيّدُنا شيخ ابن عَلا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زيارت جي لاءِ