Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

 

مُفَسِّرِ شهير،حڪيمُ الْاُمَّت، مُفْتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه هن حديث پاڪ تحت فرمائن ٿا: هن عبارت جو هي مطلب ناهي ته رب تعاليٰ وَلي ۾ حُلُول ڪري ويندو آهي جيئن ڪوئلي ۾ باھ يا گُل ۾ رنگ ۽ خوشبُو، ڇوته رب تعاليٰ حُلُول کان پاڪ آهي ۽ هي عقيدو (رکڻ) ڪفر آهي (بلڪ هن حديث جو مطلب هي آهي) ته هو ٻانهو فَنا فِي الله ٿي ويندو آهي جنهن سبب خدائي طاقتون ان جي عضوئن ۾ ڪم ڪنديون آهن ۽ هو اهڙا ڪم ڪري وٺندو آهي جيڪي عقل کان وَراء آهن (جيئن ته) حضرت سليمان (علٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام) ٽي ميل جي مفاصلي تان ڪيولي جو آواز ٻڌي ورتو، حضرت آصف برخيا (رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه) اک ڇنڀ کان پهريان يمن مان تختِ بلقيس کڻي شام ۾ حاضر ڪري ڇڏيو۔ حضرت عُمر (رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه) مدينه منوره کان خُطبو پڙھندي نَهاوند تائين پنهنجو آواز پهچايو۔ حُضورِ اَنْور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) قيامت تائين جا واقعا اکين سان ڏسي ورتا۔ هي سڀ انهيء طاقت جا ڪرشما آهن۔ (مراٰۃ المناجيح ،۳/۳۰۸ ملتقطا)

اولیاء کا جو کوئی ہو بے ادب

نازل اُس پہ ہوتا قہر و غضب

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ولي الله ڪنهن کي چئبو آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي تصرفات جي باري ۾ وڌيڪ واقعا ٻڌڻ کان پهريان هي به ٻڌي وٺو ته ولي ڪنهن کي چئبو آهي: وَلِي الله اهو آهي جيڪو فرضن جي ادائيگي سان الله عَزَّوَجَلَّ جو قُرب حاصل ڪري ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت ۾ مشغول رهي ۽ ان جي دل الله تعاليٰ جي نُورِ جلال جي معرفت ۾ مستغرق (ٻڏل) هجي، جڏهن ڏسي قدرتِ الٰهي جي دلائل کي ڏسي ۽