Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

مزارن جي حاضري برڪتن جو سبب آهي

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءُ الله جي مزارن جي حاضري جي برڪت سان دُعائون قبول ٿينديون آهن، مُشڪلات ۽ مَصيبتن کان نجات ملندي آهي ۽ خاص ان نظريي سان اولياء ڪرام رَحِمَهمُ الله تَعَالٰي جي مزارن تي وڃڻ ته خود اسان جي اسلاف جو طريقو رهيو آهي۔ جيئن حضرت سَيدُنا داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا هڪ ڀيرو مون کي هڪ (ديني) مُشڪل درپيش ٿي، مون ان جي حل جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيس، ان کان پهريان به مون تي اهڙي ئي مُشڪل آئي هئي ته مون حضرتِ شيخ بايزيدرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزار شريف تي حاضري ڏني هئي ۽ منهنجي اها مُشڪل آسان ٿي وئي هئي۔

حضرت سيدُنا يحييٰ بن سليمان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته مون کي هڪ حاجت هئي ۽ مان ڪافي تنگدست به هئس۔ مون حضرت معروف ڪرخي
رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي قبرِ اَنور تي حاضري ڏني، ٽي ڀيرا سوره اِخلاص جي تلاوت ڪئي ۽ ان جو ثواب پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ۽ سڀني مُسلمانن جي روحن کي بخش ڪيو پوءِ پنهنجي حاجت بيان ڪئي۔ جيئن مان اتان کان واپس موٽيس منهنجي حاجت پُوري ٿي چڪي هئي۔([1])

ڪجھ رسالن جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ جي خاص فضل ۽ ڪرم سان حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي امت ۾ اهڙا اهڙا عظيم شخص پيدا ٿيا جنهن جو طرزِ عمل اسان لاءِ مشعلِ راه آهي۔ انهن الله وارن جي اخلاق ۽ انهن جي سيرت بابت پڙھڻ، پڙھائڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ ان کي اپنائڻ مسلمانن جي دين ۽ دنيا کي سنوارڻ جو هڪ ذريعو آهي۔ ان الله وارن پنهنجون زندگيون ڪهڙي رنگ ۾ گذاريون،


 

 



[1] … الروض الفائق،المجلس الرابع والثلاثون الخ، ص۱۸۸