Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

انهن جا ڏينهن رات ڪيئن گذرندا هئا، انهن جو هڪ هڪ لمحو ڪهڙي طرح گذرندو رهيو، انهن ڳالهين جو جواب دل جي ڪنن سان ٻڌي وڃڃي  ۽ پوءِ ان کي پنهنجو دستورُالعمل بڻايو وڃي ته يقيناً اسان جون پريشانيون پري ٿي سگھن ٿيون ۽ رنج ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل دنيا حقيقي مسرتن ۽ سچي خوشين سان آشنا ٿي سگھي ٿي۔ ولين جي سردار، حضورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا ڪجھ رسالا ”جِنَّات جو بادشاھ، نانگ جھڙو جن، مُنَّي جو لاش، غوثِ پاڪ جا احوال“ جو مطالعو ڪرڻ بي حد مفيد رهندو۔ هنن رسالن ۾ اوهان پڙھي سگھندو سرڪار غوث ِ پاڪ جي ننڍپڻ جا احوال ۽ واقعا، اولياء ڪرام رَحِمَهمُ الله السّلامُ حيات هوند آهن ان جو قرآن ۽ حديث مان ثبوت، ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو اختيار ۽ ڪرامتون، مرشد جا حقوق ۽ آداب ڇا ڇا آهن ۽ ان کان سواء گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملندو۔

 صَلُّوْ ا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اڄ اسان الله وارن جي اختيارات جي باري ۾ بيان ٻڌو،

v      الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها پريشان حالن جي حاجت روائي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اختيار سان مٽي کي سون بڻائي ڇڏيندا آهن۔

v       الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها ان جي ڏنل قوت سان مردي به زنده ڪري سگھن ٿا۔

v      الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها پاڻي ۾ آساني سان هلي سگھن ٿا ۽ هوا ۾ بنا پرن جي اڏامي سگھن ٿا۔