Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جي قبوليت جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي نظر رکندي دُعا گھرڻ گھرجي، ۽ دُعا جي قَبولِيت ۾ جلدي ڪرڻ کان بچڻ گھرجي، ڪجھ نادان مَعَاذالله عَزَّوَجَلَّ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ته اسان ايتري عَرصي کان دُعائون گھري رهيا آهيون، بُزُرگن کان به دُعائون ڪرايون، ڪو پير فقير ناهي ڇڏيو، هي وظيفا پڙهندا آهيون اهي ورد به پڙهيا آهن، فُلاڻي فُلاڻي مَزار تي به وياسين پر الله عَزَّ وَجَلَّ اسان جي حاجت پوري ڪري ئي نٿو، حالانڪ ڪڏهن ڪڏهن قَبولِيتِ دُعا جي تاخِير ۾ گهڻيون مصلحتون به هونديون آهن جيڪي اسان جي سمجھ ۾ نٿيون اچن، تنهنڪري دُعا ۾ جلدي نه ڪرڻ گھرجي، دُعا جي قَبولِيت ۾ جلدي ڪرڻ ۽ قبوليت ۾ تاخير تي اُڪتائڻ وارن کي سمجھائيندي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي مخصُوص انداز ۾ نصيحت جا جيڪي مدني گل عطا فرمايا، انهن جو خُلاصو ٻڌو ۽ قبوليتِ دُعا ۾ جلدي ڪرڻ کان پاڻ کي بچايو:

آفيسرن وٽ ته هر هر ڌڪا کائيندا آهيو پر

دُنْياوي آفيسرن کان ڪم ڪڍڻ جي خواهشمندن کي ڏٺو ويندو آهي ته ٽن ٽن سالن تائين اميد ۽ انتظار ۾ گذاريندا آهن، صبح ۽ شام سندن دروازن تي ڀَڄندا آهن، ۽ اهي آفيسر کين لِفٽ ناهن ڪرائيندا، جواب ناهن ڏيندا، دڙڪا ڏيندا آهن خار کائيندا ۽ چهري ۾ گُهنج وجهندا آهن، انهن آفيسرن وٽ ڌڪا کائڻ ۾ کين سال گذرن پر اميد اڃا به پهرين ڏينهن جيان مضبوط آهي، دنياوي افسرن وٽ ڌڪا کائڻ وارا نه اميد ٽوڙين نه انهن جو پيڇو ڇڏين پر افسوس! الله عَزَّ وَجَلَّ  جي دروازي تي پهريان ته اچي ئي ڪير ٿو! ۽ اچي به ته بي دليو ٿي، جلدي ڪرڻ، سڀاڻي ٿيڻ وارو ڪم اڄ ٿي وڃي۔ هڪ هفتو ڪجھ پڙهندي ته ڇا گذريو، هاڻي شڪايت ٿيڻ لڳي، سائين! پڙهيو ته هو پر ڪجھ اثر نه ٿيو! اهي بيوقوف پنهنجي لاءِ قبوليّت جو دروازو پاڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن۔