Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

موسيٰ مان تو کان وڌيڪ رحيم ۽ ڪريم آهيان، پر ڳالھ هيءَ آهي ته اهو شخص مون کي ئي پڪاري رهيو آهي، پر ان جي دل پنهنجي ٻڪرين ۾ لڳل آهي ۽ مان اهڙي شخص جي دُعا نه ٻڌندو آهيان، جنهن جي دل غير ڏانهن لڳل هجي۔جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام اها ڳالھ ان شخص کي ٻڌائي ته ان دل سان الله عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا گھري ۽ ان جي حاجت پوري ٿي وئي ۔([1])

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بي ڌياني ۽ بي يقينيءَ سان صرف رسمي انداز ۾ دُعا هرگز هرگز نه گھرڻ گھرجي بلڪه جڏهن به دُعا گھري وڃي، انتهائي توجه ۽ يڪسوئي سان يقيني انداز ۾ گھري وڃي، بعض اوقات اسان ڪافي عرصي سان هڪ ئي دُعا گھري رهيا هوندا آهيون پر اها قبول ناهي ٿيندي، جنهن سبب موقعو ڳولي شيطانِ لعين اسان جي دل ۾ طرح طرح جا وسوسا وجھندو آهي، اسان کي گھرجي ته شيطاني وسوسن کان بچندي دُعا جي قبول نه هئڻ ۾ پنهنجو قصور سمجھون ۽ پنهنجو ذهن بڻايون ته جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا ۾ ڪا ڪمي ناهي ته يقيني طور تي اسان جي دُعا ۾ ئي بي يقيني، بي توجهي يا ڪا ٻي ڪمي رهجي وئي هوندي، جيڪا اسان جي دُعا جي قبوليت ۾ رُڪاوٽ جو سبب بڻجندي هوندي يا پوءِ اسان جي مرضي جي مُطابق مُراد نه ملڻ ۾ اسان جي ئي ڀلائي هوندي۔

نابين کي اکيون ملي ويون

چون ٿا: هڪ ڀيري اَورنگ زَيب عالمگير رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه سلطانُ الهند خواجه غريب نواز رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيا۔ احاطي ۾ هڪ انڌو فقير ويهي صدا لڳائي رهيو هو: يا خواجه غريب نواز رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه! اکيون ڏئي۔ پاڻ ان فقير کان معلوم ڪيو: بابا! ڪيترو عرصو ٿيو آهي اکيون



[1]روح البیان،پ۸،الاعراف،تحت الایۃ:۵۶،۳/۱۷۸