Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

مُحَمَّدٌرَّسُوۡلُ الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: يُسْتَجابُ لِاَحَدِکمْ مَالَمْ يعَجِّلْ يقُوْلُ دَعَوْتُ فَلَمْ يسْتَجِبْ لِي توهان جي دعا قبول ٿيندي آهي جيستائين تڪڙ نه ڪريو هي نه چئو ته مون دعا گھري هئي قبول نه ٿي۔([1]) وڌيڪ فرمائن ٿا: ڪجھ ته ان دير سبب اهڙا بي قابو ٿي ويندا آهن جو وظيفن ۽ دعائن جي اثر کان بي اعتقاد، بلڪه نَعُوْذُ بِالله  عَزَّ وَجَلَّ!  الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪرم جي واعدي کان بي اعتماد ٿي ويندا آهن. اهڙن کي چيو وڃي ته اي بي حيا! بي شرمو! ٿورو پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسو۔ جيڪڏهن ڪو توهان جو هڪ جيڏو دوست توهان کي هزار ڀيرا ڪجھ پنهنجا ڪم چوي ۽ توهان ان جو هڪڙو ڪم به نه ڪريو ته پنهنجو ڪم ان کي چوندي، پهريان ته پاڻ لڄي ٿيندؤ جو اسان ته سندس چوڻ ورتو ئي ناهي هاڻي ڪهڙي منهن سان ان کي ڪم لاءِ چئون؟ ۽ جيڪڏهن ضروري هيو ته چئي به ڏنؤ ۽ ان دوست نه ڪيو ته ڪهڙيءَ ريت به ڏوراپو ڪونه ڏيندؤ۔ ظاهر آهي پاڻ ئي سمجهو ٿا جو مون (ان جو ڪم) ڪٿي ڪيو هو؟ جو هُو ڪري!

هاڻي ڏسو ته توهان الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪيترن حڪمن تي عمل ڪريون ٿا؟ ان جا حڪم نه مڃڻ ۽ پنهنجي گذارش جي هر صورت ۾ قبوليّت چاهڻ ڪيڏي نه بي حيائي آهي!

او بي عقل! پوءِ فرق ڏس! پنهنجي مٿي کان پيرن تائين غور سان نظر ڪر، هڪ هڪ لُونءَ ۾ هر وقت، هر گھڙي، ڪيتريون ڪيتريون هزار در هزار، در هزار، صد هزار بيشمار نعمتون آهن۔ تون سمهين ٿو ۽ ان جا معصوم فرشتا تنهنجي حفاظت جي لاءِ پهرا ڏيئي رهيا آهن، تون گناهه ڪري رهيو آهين ۽ (پوءِ به) مٿي کان پيرن تائين صحت ۽ عافيّت، آفتن کان حفاظت، کاڌي جو هاضمو، فُضۡلات (يعني جسم جي اندرين گندگين) جو نڪرڻ، رت جي رواني، عضون ۾



[1]صحیحُ البخاری ج ۴ص۲۰۰حدیث ۶۳۴۰