Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

ظالم حاڪم کان نجات

          جڏهن صَفوَان بن مُحرِز جي ڀائٽي کي زماني جي ظالم ۽ جابر حاڪم ابنِ زياد قيد ڪري ورتو ته پاڻ نهايت پريشان ٿيا ۽ پنهنجي ڀائيٽي جي رِهائي جي لاءِ بصره جي اميرن ۽ بااثر ماڻهن کان سفارش ڪرائي پر ڪاميابي نه ملي، ابنِ زياد سڀني جي سفارشن کي رَد ڪري ڇڏيو، صَفوَان بن مُحرِز وڏي تڪليف دِه حالت ۾ رات گذاري رات جي پوئين پهر انهن جي اوچتو اک لڳي ته خواب ۾ ڪنهن چوڻ واري چيو: اي صَفوَان بن مُحرِز! اُٿ ۽ پنهنجي حاجت طلب ڪر اهو خواب ڏسندي سندن اک کلي وئي هڪ اڻ ڄاتل خوف سندن جسم تي ڏڪڻي طاري ڪري ڇڏي انهن وضو ڪري ٻه رڪعت نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ روئي روئي بارگاھِ خُداوندي ۾ دُعا ڪرڻ لڳا، اهي پنهنجي گھر ۾ دُعا ۾ مصروف ها ۽ هوڏانهن ابنِ زياد بي چيني ۽ تڪليف ۾ مبتلا هو، ان سپاهين کي حڪم ڏنو ته مون کي صَفوَان بن مُحرِز جي ڀائيٽي وٽ وٺي هلو، سپاهي فوراً مَشعل (روشني) کڻي ابنِ زياد وٽ آيا، ظالم حڪمران پنهنجي سپاهين سان گڏ جيل ڏانهن هلڻ لڳو، اتي پهچي ان جيل جا در کولرايا ۽ بلند آواز سان چيائين: صَفوَان بن مُحرِز جي ڀائيٽي کي فوراً آزاد ڪري ڇڏيو، ان جي ڪري مون سڄي رات بي چيني جي عالَم ۾ گذاري آهي، حاڪم جو آواز ٻڌي سپاهين فوراً صَفوَان بن مُحرِز جي ڀائيٽي کي جيل مان ڪڍيو ۽ ابنِ زياد جي سامهون بيهاري ڇڏيائون، ابنِ زياد وڏي نرمي سان گفتگو ڪئي ۽ چيائين: وڃو! خُوشي خُوشي پنهنجي گھر هليا وڃو، توهان تي ڪنهن قسم جو ڪو جُرمانو وغيره ناهي، ايترو چئي ابنِ زياد ان کي آزاد ڪري ڇڏيو، اهو سڌو پنهنجي چاچي صَفوَان بن مُحرِز وٽ پهتو ۽ دروازي تي دستڪ ڏني، اندران آواز آيو: ڪير؟ چيائين اوهان جو ڀائيٽو۔ پنهنجي ڀائيٽي جي ان طرح اوچتي اچڻ تي اوهان نهايت حيران ٿيا ۽ دروازو کولي