Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

نِظامُ الاَوْقات جي باري ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو يا تجويز هجي ته مجلس جي اراڪين ۽ ذِمّيداران سان عالمي مدني مرڪز جي فون نمبرز تي يا ان اي ميل ايڊريس (prayer@dawateislami.net) جي ذريعي رابطو ڪري سگھجي ٿو۔ عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾، مڪتب جي مَخصُوص ٽائيم تي تَوْقيت مڪتب ۾ بالمشافه رهنمائي به وٺي سگھجي ٿي۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ  میں جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان دُعائن جي قبوليت بابت واقعا به ٻڌا ۽ گڏوگڏ دُعا جي اهميت، ان جا فضائل ۽ قبوليتِ دُعا جي آداب جي باري ۾ به ٻڌو ته دُعا گھرڻ حڪمِ خُداوندي آهي، دُعا ڪرڻ سنتِ مُصْطَفٰي آهي، دُعا ڪرڻ اِطاعتِ مصطفٰي آهي، بزرگن جو پسنديده عمل آهي، دُعا عبادت جو مغز آهي، دُعا افضل عبادت آهي،دُعا مومن جو هٿيار آهي، دُعا الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو وڌيڪ بُزُرگ آهي، دُعا مصيبتن ۾ نفعي بخش آهي، دُعا دُشمن کان نجات ۽ رزق ۾ ڪشادگي جو سبب آهي۔ دُعا جي اَوّل ۽ آخر ۾ دُرُودِ پاڪ پڙھڻ قبوليتِ دُعا جو سبب آهي، دُعا جي قبوليت جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي پسنديده نالن سان دُعا ڪرڻ نهايت اثر رکي ٿو، دُعا جي قبوليت جي لاءِ نيڪ عمل ڪرڻ ۽ ان نيڪ عمل جي وسيلي سان دُعا ڪرڻ قبوليتِ دُعا جو اهم ذريعو آهي، قبوليتِ دُعا جو يقين رکندي ڌيان ۽ يڪسوئي سان دُعا گھرڻ گھرجي، دُعا ۾ بزرگن جو وسيلو پيش ڪرڻ به دُعا قبول ٿيڻ جو سبب آهي، نيڪ ماڻهن سان ملي اجتماعي طور تي دُعا ڪرڻ ۾ برڪت آهي، دُعا ۾ پنهنجي پِير، والدين، استادن ۽ تمام مسلمانن کي ياد رکڻ گھرجي، دُعا