Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

طاقت، اکين ۾ روشني، بي حساب ڪرم بنا گھرڻ جي بنا چاهڻ جي توکي نصيب ٿي رهيا آهن۔ پوءِ جيڪڏهن تنهنجون ڪجھ گهرجون پوريون نه ٿين ته ڪهڙي منهن سان شڪايت ڪرين ٿو؟ توکي ڪهڙي خبر ته تنهنجي لاءِ ڀلائي ڇا ۾ آهي! تو کي ڇا خبر ته ڪهڙي سخت مصيبت اچڻ واري هئي جيڪا هن دعا ٽاري ڇڏي۔ تون ڇا ٿو ڄاڻين ته هن دعا جي عيوض ڪيڏو ثواب تنهنجي لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي، ان جو واعدو سچو آهي ۽ قبوليّت جون هي ٽي صورتون آهن جن مان هر پوئين، پهرين کان اعلى آهي۔ ها، بي اعتقادي آئي ته يقين ڄاڻجان ته تون خساري ۾ آهين ۽ ابليس لعين توکي پاڻ جهڙو ڪري ڇڏيو۔ ([1])

مُسلماں ہوں اگرچہ بَد ہوں،سچّے دِل سے کرتا ہوں

خِرَد کرتی نہیں اب کام اِلٰہی!میں ہوا ناکام

تِرے ہر حکم کے آگے سرِ تسلیم خم مولیٰ

تجھی سے اِلتجاء ہے مجھ پہ کر رحم و کرم مولیٰ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلسِ تَوقيت جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ سُنّتن جي خِدمت ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن وسنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هينئر تائين 100 کان وڌيڪ شعبن جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي۔انهن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلسِ تَوقيت“ به آهي۔ تَوقِيت مان مُراد اهو عِلم آهي جنهن جي مدد سان دُنيا جي ڪنهن به مقام جي لاءِ نمازِ پنجگانه، طُلوع وغُروب(سحري ۽ اِفطار جا اوقات)، نِصْفُ النَّـھَار ۽ مِثْلِ اوّل و ثاني وغيره جا اَوْقات معلوم ڪيا ويندا آهن ۽ دُرست سَمتِ قِبله جو تَـعَـيّن ڪيو ويندو آهي۔ اعليٰ حضرت، اِمام اهلسنت، مُجدِّد ِدين و مِلّت، پروانهٔ

 

 



[1]فضائلِ دُعا،ص۱۰۰ملخصاً