Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

رکي ٿو۔ قرآنِ ڪريم ۾ ان لفظِ مبارڪ کي پنج (5) ڀيرا ذڪر ڪري ان کان پوءِ ارشاد فرمايو:

فَاسۡتَجَابَ لَہُمۡ رَبُّہُمۡ          (پ۴، اٰل عمران: ۱۹۵)

ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ اُنهن جي پالڻهار سندن دُعا قُبول ڪئِي

 امام جعفر صادق رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه کان منقول آهي:جيڪو شخص بي وسي وقت پنج (5) ڀيرا ”يا رَبَّنَا “ چوي ته جنهن جو خوف رکي ٿو الله تعاليٰ ان کي ان شيء کان امان بخشيندو ۽ جيڪا شيء چاهي ٿو،عطا فرمائيندو۔([1])

دُعا کان پهريان نيڪ عمل

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جي آداب مان هڪ ادب اهو به آهي ته دُعا کان پهريان ڪو نيڪ عمل ڪيو وڃي جيئن حضرت سَيدُنا امام جَزري
رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تحرير فرمائن ٿا: اٰدَابُ الدُّعَاءِ مِنْھَا تَقْدِيمُ عَمَلٍ صَالِحٍ وَذِکرُهُ عِنْدَالشِّدَّةِ يعني هر مشڪل ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ کي ياد ڪرڻ ۽ دُعا کان پهريان نيڪ عمل ڪرڻ دُعا جي آداب مان آهي۔([2]) جڏهن ڪو ٻانهو اِخلاص سان ڪيل نيڪ عمل کي اللهعَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ وسيلو بڻائي دُعا گھرندو آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي صدقي ٻانهي جي دُعا قبول ڪندو آهي۔اچو هن باري ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا:

نيڪ عملن جي وسيلي سان ڪيل دُعا جي برڪت

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 656 صفحن تي مشتمل ڪتاب فيضانِ رياضُ الصالحين جي صفحي 139 تي آهي:



[1]روح المعاني، پ ۳، آل عمران، تحت الایۃ:۱۹۴،۴/ ۵۱۲

[2]الحصن الحصین،آداب الدُعا،ص۲۳