Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

تنهنڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي دُعائن ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن کي به ياد رکندا ڪيون، ۽ والدين بلڪ پنهنجن استادن جي لاءِ به ضرور دُعا ڪيون، ياد رهي ته دِيني استاد روحاني پيءُ جي حيثيت رکي ٿو۔ان جي لاءِ دُعا ڪرڻ انسان جي حق ۾ نعمتن جو سبب آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِذَاتَرَكَ الْعَبْدُ الدُّعَاءَ لِلْوَالِدَيْنِ فَاِنَّهُ يَنْقَطِعُ عَنْهُ الرِّزْقُ يعني جڏهن ٻانهو والدين جي لاءِ دُعا ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته ان وٽان رِزق روڪيو ويندو آهي۔([1]) تنهنڪري اُستادن ۽ ماءُ پيءُ جي لاءِ به لازمي دُعا ڪرڻ گھرجي۔ جڏهن به دُعا گھرون دُعا ۾ نهايت عاجزي ۽ گِريه وزاري ڪيون، روئيندي ۽ ٻاڏائيندي الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري جو اظهار ڪندي پنهنجي حاجتن جي لاءِ التجائون ڪيون۔

حضرت علّامه، مولانا نقي علي خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن دُعا جي آدب جي تحت فرمائن ٿا: جيتري قدر هيڏانهن عاجزي گھڻي هوندي، اتان کان لطف وڪرم وڌيڪ ٿيندو۔ وڌيڪ فرمائن ٿا ته دُعا ۾ لڙڪ وهائڻ جي ڪوشش ڪري جيتوڻيڪ هڪ ئي ڦڙو هجي ڇوته قبوليت جي نشاني آهي، روئڻ نه اچي ته روئڻ جھڙو چهرو ٺاهي ڇوته نيڪن جهڙي صورت به نيڪ آهي۔ اُمُّ المؤمنين حضرتِ سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون ته رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله تعاليٰ دُعا ۾ ٻاڏائڻ وارن کي پسند ڪندو آهي۔([2])

رونے والی آنکھیں مانگو ،  رونا سب کا کام نہیں

ذِکرِ محبت عام ہے لیکن،  سوز محبت  عام   نہیں

 



[1]کنز العمال،کتاب النکاح،قسم الاقوال،باب بر الاب والام من الاکمال،۱۶/۲۰۱،حدیث:۴۵۵۴۸

[2]کتاب الدعا ء للطبرانی، با ما جاء فی فضل …الخ،ص۲۸،حدیث:۲۰