Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

کان پاسو ڪر) اهو ٻڌي مون ان کي ڇڏي ڏنو ۽ مون بُرائي کان پاسو ڪيو، حالانڪه مون کي ان سان گهڻي محبت هئي، پوءِ مون ان کان اهي دِينار به واپس نه ورتا، ياالله عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن مون اهو عمل صرف تنهنجي رضا جي لاءِ ڪيو هو ته اسان کي اِن مصيبت مان نجات عطا فرما! ڇِپ ڪجھ وڌيڪ سرڪي پر اڃا به اهي ٻاهر نه نڪري سگھيا ها۔ ٽئي چيو: ياالله عَزَّوَجَلَّ! مون ڪجھ مزدورن کان ڪم ڪرايو ۽ سڀني جي مزدوري ڏئي ڇڏي، پر ان مان هڪ مزدور اُجرت ڇڏي هليو ويو، مون اها رقم واپار ۾ لڳائي ڇڏي ته ان جي رقم وڌندي رهي ڪجھ عرصي کان پوءِ اهو آيو۽ چيائين: اي الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها! منهنجي اُجرت مون کي ڏئي ڇڏ، مون چيو: اِهي اُٺ، ڳئون، ٻڪري ۽ غلام جيڪي ڪجھ توهان ڏسي رهيا آهيو، اهي سڀ توهان جا آهن۔ ان چيو: اي الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها! مون سان مذاق نه ڪر۔ مون چيو: مان مذاق نه پيو ڪيان، اِهي سڀ ڪجھ توهان جا ئي آهن۔ پوءِ، اهو سڀ مال کڻي هليو ويو ۽ ڪجھ به نه ڇڏيائين۔ ياالله عَزَّ وَجَلَّ! جيڪڏهن منهنجو اهو عمل تنهنجي رضا جي لاءِ هو ته اسان کي ان مصيبت مان نجات عطا فرما! پوءِ ڇپ وڌيڪ سرڪي ۽ اهي ٽئي ٻاهر نڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيا۔([1])

نيڪ عملن جي وسيلي سان دُعا

عَلَّامَه اِبنِ بَطَّال رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: جيڪو شخص سچي نيت سان پنهنجي انهن عملن جي وسيلي سان دُعا گھري، جيڪي ان خالص الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ ڪيا هئا ته اُميد آهي ته ان جي دُعا قبول ٿيندي، جڏهن غار ۾ ڦاٿل ماڻهن پنهنجي انهن عملن جي وسيلي سان دُعا گھري جيڪي انهن خالص الله جي رضا جي لاءِ ڪيا هئا ۽ انهن اميد ڪئي ته



[1]بخا ری، کتاب الانبیاء، باب حدیث الغار، ۲/۴۶۴، حدیث:۳۴۶۵