Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

انهن جي وسيلي سان غار جو منهن کلي ويندو، ته الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي دُعا قبول فرمائي انهن تي فضل فرمايو ۽ انهن کي غار مان نجات بخشي ۔([1])

نہ کر رَد کوئی اِلتجاء یا اِلٰہی  

رہے ذِکْر آٹھوں پَہَر میرے لب پر

ہو مقبول ہر اِک دُعا یا اِلٰہی

تِرا یا اِلٰہی تِرا یا اِلٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ ۽ ان جي شرح جي روشني ۾ اهو به معلوم ٿيو ته جيڪو نيڪ عمل صرف ۽ صرف الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ ڪيو ويو هجي اهو ئي دُنيا ۽ آخرت ۾ فائدو ڏيندو، رِياڪاري سان عبادت نه صرف بي فائده آهي بلڪ مصيبت جو سبب به آهي، نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪو ماڻهن جي لاءِ اهڙن عملن سان پاڻ کي سينگاري جو جن جي حقيقت الله عَزَّوَجَلَّ جي علم ۾ ڪجھ ٻي هجي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کي پنهنجي بارگاھ کان پري ڪندو آهي۔([2]) ۽ رضاء اِلٰهي جي بدران ڏيکاء جي لاءِ نيڪ عمل ڪرڻ واري جي باري ۾ حديثِ پاڪ ۾ آهي ته قيامت جي ڏينهن رياڪار کي چيو ويندو ته تون پنهنجو اجر ان وٽ وڃي تلاش ڪر جنهن جي لاءِ تون عمل ڪندو هئين۔([3])

بهرحال اسان کي به کپي ته دُعا کان پهريان استطاعت مطابق اخلاص سان ڪو نيڪ عمل ڪري وٺون، ڪافي بزرگن سڳورن رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جو اهو طرزِ عمل هو ته اهي حضرات دُعا کان پهريان ٻه (2) رڪعت نفل پڙھي وٺندا هئا ۽ ان کان پوءِ دُعا گھرندا هئا جيئن ته ...

 



[1]شرح بخاری لابن بطال، کتاب الادب، باب اجابۃ دُعاء من بر والدیہ،۹ /۱۹۳

[2]جامع الاحادیث،قسم الاقوال،۷/۱۶۹،حدیث:۲۱۶۶۰

[3]اتحاف السادۃ المتقین، کتاب ذم الجاہ الریاء، باب بیان ذم الریاء۱۰/۷۳مختصراً