Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

حضرتِ سَيدُنا عبدُ الله بن عمر رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته رسولُ اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: گذريل زماني ۾ ٽي (3) شخص ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته برسات ٿيڻ لڳي ته اهي پناھ وٺڻ جي لاءِ هڪ غار ۾ داخل ٿيا، اوچتو جبل تان هڪ چٽان (ڇپ) ڪري جنهن غار جو منهن بند ڪري ڇڏيو۔ اهو ڏسي انهن چيو: هن مصيبت مان نجات جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان پنهنجن پنهنجن نيڪ عملن جو وسيلو الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پيش ڪري دُعا ڪيون۔ پوءِ، انهن مان هڪ چيو: ياالله عَزَّوَجَلَّ! منهنجا ماءُ پيءُ نهايت پوڙها ٿي ويا هئا، مان انهن کان اڳ ۾ نه ته پنهنجي اهل و عيال کي پيئڻ جي لاءِ کير ڏيندو هئس نه ئي پنهنجي نوڪرن کي، هڪ ڏينهن مان وڻن جي تلاش ۾ گھڻو پري هليو ويس، جڏهن واپس موٽيس ته منهنجا والدين سمهي رهيا هئا، مان کير کڻي انهن وٽ آيس ته انهن کي ستل ڏٺم، مون نه انهن کي جاڳائڻ مناسب سمجھيو ۽ نه ئي انهن کان پهريان اهل وعيال مان ڪنهن کي ڏيڻ پسند ڪيو، بلڪ مان کير جو پيالو کڻي پنهنجي والدين وٽ بيٺل رهيس، جڏهن صبح ٿيو ته مون انهن کي کير پيش ڪيو۔ ياالله عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن مون اهو عمل صرف تنهنجي رضا جي لاءِ ڪيو هو ته اسان کي اِن مصيبت مان نجات عطا فرما! ان جي دُعا سان ڇِپ (پٿرجي) ڪجھ سِرڪي پئي، پر اڃا به ايتري جڳھ نه ٺهي جو اُهي نڪري سگھن، پوءِ ٻئي چيو: ياالله عَزَّوَجَلَّ! مون کي منهنجي چاچي جي ڌيءُ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ محبوب هئي، مون ان سان بُرائي جو اِرادو ڪيو ته ان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ اها ڏڪار( تنگدستي) ۾ مبتلا ٿي ته مون وٽ آئي مون ان شرط تي ان کي 100 دينار ڏنا ته هوءَ منهنجي خواهش پوري ڪري، هوءَ مجبور هئي تيار ٿي وئي، جڏهن مان ان سان اڪيلائي ۾ ويس ۽ ان تي قابو ٿيس ته ان چيو: الله عَزَّ وَجَلَّ کان ڊڄ ۽ ناحق مُهر کي نه ٽوڙ (يعني ان بُري ڪم