Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ دُعا جو رڪجڻ

حضرت سَيدُنا عُمَر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اِنَّ الدُّعَاءَ مَوْقُوْفٌ بَينَ السَّمَاءِ وَالْاَرْضِ لَا يصْعَدُ مِنْه شَيئٌ حَتّٰي تُصَلِّيَ عَلٰي نَبِيِّکَ صَلَّي اللّٰه عَلَيه وَسَلَّمَ، يعني دُعا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ روڪي ويندي آهي، جيستائين تون پنهنجي نبي
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُود نه موڪلين، بلند ناهي ٿيندي۔([1]) حضرتِ علي المرتضٰي رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي: اَلدُّعَاءُ مَحْجُوْبٌ عَنِ اللّٰهِ حَتّٰي يُصَلّٰي عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّاَهلِ بَيتِهٖ يعني دُعا الله تعاليٰ کان حِجاب ۾ آهي، جيستائين محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن اَهلِ بيت تي دُرُود نه موڪليو وڃي۔([2])

اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اي عزيز! دُعا طَائِر (يعني پکي) آهي ۽ دُرُود شَهپَر (يعني ان جو سڀ کان وڏو پر آهي)، پکي بنا پرن جي ڇا اڏامي سگھي ٿو!

پکيءَ جي ٻانهُن جو سڀ کان وڏو پر، جنهن جي بغير ڪو پکي اڏامي ناهي سگھندو ان کي شَهپر چيو ويندو آهي ۔ يعني دُعا هڪ پکي ۽ دُرُودِ پاڪ ان جي شَهپر جيان آهي تنهنڪري اهڙو پکي جنهن جو شَهپر ئي نه هجي ته اهو ڇا اڏامي سگھندو! ائين ئي اها دُعا جيڪا دُرُودِ پاڪ کان خالي هجي ڪيئن مَقبُول ٿي سگھي ٿي؟  ([3])

تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هلندي ڦرندي، اٿندي ويهندي، دُرُودِ پاڪ جي ڪثرت ڪيون، خاص ڪري پنهنجي دُعائن جي شُروع ۽ آخر ۾ ته نبي

 

 



[1]ترمذی، کتاب الوتر، باب ما جاء فی فضل الصلاۃ علی النبیالخ، ۲/ ۲۸،حدیث: ۴۸۶

[2]کنز العمال،کتاب الأذکار‚الباب‚الثامن فی الدُعاء۱/۳۵، الجزء الثانی،حدیث: ۳۲۱۲

[3]فضائلِ دُعا،ص۶۹ملخصاً