Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته الله وارن جون دُعائون ڪيترو اثر رکنديون آهن جو هوڏانهن انهن نيڪ ٻانهن جي منهن مان دُعا نڪري ٿي هيڏانهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي ويندي آهي، انهن جي دُعائن سان مصيبتون پري ٿين ٿيون،غم دُور ٿين ٿا، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ عبادت جو جذبو نصيب ٿئي ٿو۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته نه صرف نيڪ ماڻهن جون دُعائون حاصل ڪيون، بلڪ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي به ڪوشش ڪيون ان سان گڏوگڏ بُرن ماڻهن جي صحبت کان بچندي چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيون۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار سُنتن ڀريو اجتماع“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جي فيضان سان مالا مال ٿيڻ، دُعا ۾ رِقّت ۽ سوز لاءِ ۽ دُعا جا آداب سکڻ سيکارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”هفتيوار سُنّتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ“ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ سُنّتن ڀري اجتماع ۾ گھريل دُعائون ضَرور قبول ٿينديون آهن، ڇوته اتي الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جو ذڪرِ خير ٿيندو آهي ۽ جنهن هنڌ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جو ذڪرِ خير ڪيو وڃي ته اتي رحمتِ الٰهي جي ڇماڇم برسات ٿيندي آهي جيئن ته

          حضرت سيدُنا امام سُفْيان بِن عُيَينَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: عِنْدَذِکرِ الصّٰلِحِينَ تَنَزَّلُ الرَّحمَة يعني نيڪ ماڻهن جي ذِڪر جي وقت رحمتِ الٰهي نازل ٿيندي