Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

آهي۔([1]) ٿورو سوچيو ته جتي ڇما ڇم رحمتون وسي رهيون هجن اتي دُعائون ڇو قبول نه ٿينديون۔ اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: جماعت ۾ بَرَڪت آهي ۽ مسلمانن جي ميڙ ۾ دُعا گھرڻ قبوليت جي گھڻو ويجھو آهي عُلَماء فرمائن ٿا: جتي چاليھ (40) نيڪ مُسلمان گڏ ٿيندا آهن انهن مان هڪ ولي الله ضَرور هوندو آهي۔([2]) تنهنڪري هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو، سُنّتن ڀرين اجتماعن ۾ گھريل دُعائن جا ثمرات ڪهڙي طرح ظاهر ٿيندا آهن۔ ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

اجتماعي دُعا ۾ توبھ جي توفيق مل وئي

بابُ المدينه ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي، جواني ۽ چڱي صحّت مون کي مغرور بڻايو هو، نِت نوان فينسي لباس سبرائڻ، رات دير تائين آواره گردي ۾ وقت وڃائڻ، جُوا ۾ پيسا برباد ڪرڻ وغيره منهنجو معمول هو۔ والِدَين سمجھائي سمجھائي ٿڪجي پيا ايستائين جو ڪڏهن ته منهنجي اصلاح جي لاءِ دُعا ڪندي امڙ سائيڻ جا ڳوڙها نڪري ايندا هئا۔ دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جي دعوت پيش ڪندا ها پر آئون ٽاريندو رهيس، آخرڪار اسان ٻئي اجتماع گاھ ۾ پهچي وياسين، خُدا جو قسم ! مون زندَگي ۾ ڪڏهن اهڙي رُوحانيت نه ڏٺي نه ٻڌي هئي، جڏهن رِقّت انگيز دُعا شُروع ٿي ته اجتِماع ۾ شريڪ ٿيندڙن جي سُڏڪڻ جو آواز بُلند ٿيڻ لڳو ايستائين جو مون جھڙو پٿر دل ماڻهو به سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، مون پنهنجي گُناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جو ئي بڻجي ويس ۔

 



[1]حلیۃ الاولیاء،۷/۳۳۵، حدیث: ۱۰۷۵۰

[2]فتاوٰی رضویہ،۲۴/۱۸۴ بتغیر قلیل