Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

جي تصنيف ”اَحْسَنُ الْوِعَاءِ لِاٰدَابِ الدُّعَاءِ“ جي تسهيل آهي، هن ڪتاب ۾ دُعا جا فضائل، دُعا جا آداب، قبوليتِ دُعا جا سبب، قبوليتِ دُعا جا وقت، قبوليتِ دُعا وارا هنڌ، دُعائن جي قبول ٿيڻ ۾ اسمِ اعظم جي اهميت، قبوليتِ دُعا ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ وارا سبب، دعا گھرڻ جا فائدا ۽ دُعا بابت اهم سوالن جوابن کي بيان ڪيو ويو آهي۔ شايد اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهو ڪتاب هر گھر جي ضرورت آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديةً طلب فرمايو، پاڻ به ان جو مُطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو، ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو دُعا جا ڪجھ آداب ۽ ان ضمن ۾ قبوليتِ دُعا جا واقعا ٻڌون ٿا۔

پنهجي رَبّ کي محبوب نالن سان پڪاريو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جي آداب مان اهو به آهي ته دُعا ڪرڻ وارو شروع ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ کي ان جي محبوب نالن سان سڏي۔ رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: الله تعاليٰ پنهنجي اسمِ پاڪ” اَرْحَمُ الرَّاحِمِين“ تي هڪ ملائڪ مقرر فرمايو آهي ته جيڪو شخص ان کي ٽي (3) ڀيرا چوي ٿو، ملائڪ نِدا ڪندو آهي(يعني آواز ڏيندو آهي): گُھر اَرْحَمُ الرَّاحِمِين تو ڏانهن متوجهه ٿيو۔([1])

اهڙي طرح پنج (5) ڀيرا ”يا رَبَّنَا“ چوڻ به دُعا جي قبوليت ۾ گھڻو اَثر

 

 



[1]مستدرک، کتاب الدُعاء والتکبیر...الخ، باب انّ للّٰہ ملکاً موکلاً ... الخ، ج۲/۲۳۹،حدیث: ۲۰۴۰