Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

1.       حضرت ابو هريرهرَضِى الله تَعَالٰي عَنْهفرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله عَزَّ وَجَلَّ  جي ويجھو ڪا شيء دُعا کان وڌيڪ بزرگ ناهي۔([1])

2.       حضرت عبدُالله بن عمررَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته حضور ِاقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنهن شخص جي لاءِ دُعا جو دروازو کوليو ويو ته ان جي لاءِ رحمت جو دروازو کوليو ويو الله عَزَّوَجَلَّ کان ڪيل سوالن مان پسنديده سوال عافيت جو آهي۔ جيڪي مصيبتون نازل ٿي چڪيون ۽ جيڪي نازل نه ٿيون، ان سڀ ۾ دُعا سان نفعو ٿيندو آهي، ته اي الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانهؤ! دُعا ڪرڻ کي (پاڻ تي) لازم ڪيو۔([2])

3.       حضرت جابر بن عبدُ الله رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته حضورِ انورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ڇا مان توهان کي اها شيء نه ٻڌايان جيڪا توهان کي توهان جي دُشمن کان نجات ڏي ۽ توهان جي رِزق کي ڪشاده ڪري، رات ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ کان دُعا گھرندا رهو ڇوته دُعا مومن جو هٿيار آهي۔([3])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته احاديثِ مُبارڪه ۾ دُعا گھرڻ جا ڪيترا فضائل بيان فرمايا ويا آهن جو دُعا مصيبتن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪاري جي لاءِ به فائدي مند آهي ۽ رِزق ۾ برڪت ۽ ڪشادَگي جو سبب به آهي، دُشمنن کان نجات جو ذريعو به آهي ۽ مومن جو هٿيار به ڇوته مومن ٻانهو دُعا جي ذريعي وڏي کان وڏي مصيبت ۽ مشڪل کان مشڪل حالتن جو مقابلو ڪري سگھي ٿو، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته خُوشي ۽ غمي هر حالت



[1]ترمذی،کتاب الدعوات،باب ماجاء فی فضل الدُعاء،۵/۲۴۳،حدیث:۳۳۸۱

[2]ترمذی،کتاب الدعوات،باب فی دُعاء النبی ، ۵/۳۲۱،حدیث: ۳۵۵۹

[3]مسند ابو یعلی،مسند جابر بن عند اللہ ۲/۲۰۱،حدیث:۶ ۱۸۰