Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

شعر

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته نيڪ ماڻهن جي دُعائن ۾ شريڪ ٿي دُعا گھرڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن، واقعي اسان کي خبر ناهي ته ڪهڙي نيڪ ٻانهي جي دُعا بارگاھِ الٰهي ۾ مقبول ٿي وڃي ۽ ان جي صدقي دُعا ۾ شريڪ سڀني ماڻهن جا ٻيڙا پار ٿي وڃن۔ اچو هن باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

نيڪ ٻانهي جي دُعا تي آمين چوڻ جي برڪت

حضرتِ علّامه جلالُ الدّين سُيوطِي شافِعي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نَقل ڪندي فرمائن ٿا: حضرتِ سيدُنا يزيد بن هارون رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون حضرتِ سيدُنا ابواسحق محمد بن يزيد واسِطي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي خواب ۾ ڏٺو ته پڇا ڪئي: الله عَزَّوَجَلَّ اوهان سان ڪهڙو مُعامَلو ڪيو؟ ته اُنهن فرمايو: منهنجي مغفِرت ڪئي وئي۔ مون پڇا ڪئي: مغفِرت جو سبب ڇا ٿيو؟ فرمايائون: هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا ابو عَمرو بَصري رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جُمُعي جي ڏينهن اسان وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ دُعا ڪئي ته اسان آمين چئي، بس ان ڪري اسان جي مغفِرت ٿي وئي۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ماءُ پيءُ استاد ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ دُعا جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جي آداب مان هي به آهي ته جڏهن اسان پنهنجي لاءِ دُعا گھرون ته سڀني اهلِ اسلام کي ان دُعا ۾ شريڪ ڪيون۔ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن دُعا گھرڻ وارو پاڻ عطا لائق ناهي ته ڪنهن ٻانهي جو طُفَيلي ٿي مراد تائين پهچي ويندو۔

 

 

 



[1]شَرْحُ الصُّدُور ،ص۲۸۲