Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

حضرت سَيدُنا ابو الشيخ اصبهاني رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه حضرت سَيدُنا ثابت بُناني رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان روايت ڪئي: اسان سان ذڪر ڪيو ويو جيڪو شخص مسلمان مَردن ۽ عورتن جي لاءِ دُعاءِ خير ڪندو آهي قيامت ۾ جڏهن ان جي مجلسن تان گذرندو ته هڪ چوڻ وارو چوندو: هي اهو آهي جيڪو اوهان جي لاءِ دُنيا ۾ دُعاءِ خير ڪندو هو پوءِ اهي ان جي شفاعت ڪندا ۽ رب جي بارگاھ ۾ عرض ڪري ان کي جنت ۾ وٺي ويندا۔

      قرآن ِڪريم ۾ مسلمانن جي لاءِ دُعا ڪرڻ جي باري ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جو ارشاد آهي:

      وَ اسۡتَغۡفِرۡ لِذَنۡۢبِکَ وَ لِلۡمُؤۡمِنِیۡنَ   وَ    الۡمُؤۡمِنٰتِ ؕ  (پ۲۶، محمد: ۱۹)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اي محبوب پنهنجي خاص ۽ عام مسلمان مردن ۽ عورتن جي گناهن جي معافي گهرو.

 حديث ۾ آهي :نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ شخص کي اَللّٰھُمَّ اغْفِرْلِيْ (يعني اي الله! منهنجي مغفرت فرما) چوندي ٻڌو، فرمايائون: جيڪڏهن سڀني مسلمانن کي دُعا ۾ شامل ڪرين ها ته تنهنجي دُعا مقبول ٿئي ها۔ ([1])

حضرتِ سَيدُنا عُباده بن صامِت رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته مون رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو: مَنِ اسْتَغْفَرَ لِلْمُوْمِنِيْنَ وَالْمُوْمِنَاتِ كَتَبَ اللهُ لَهُ بِكُلِّ مُوْمِنٍ وَ مُوْمِنَةٍ حَسَنَةً يعني جيڪو شخص سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ استغفار ڪري، الله تعاليٰ ان جي لاءِ هر مسلمان مرد ۽ مسلمان عورت جي بدلي هڪ نيڪي لکندو۔(مجمع الزوائد، کتاب التوبۃ، باب الاستغفار للمؤمنین والمؤمنات، ۱۰/۳۵۲، حدیث: ۱۷۵۹۸

 



[1]ردّ المحتار، کتاب الصلاۃ، باب صفۃ الصلاۃ، آداب الصلاۃ، مطلب: في الدعاء بغیر العربیۃ،۲/۲۸۶