Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

شمع ِرسالت، مولانا شاه امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي هڪ مڪتوب ۾ هن عِلم جي اَھَـمِّيت جي باري ۾ فرمايو: عَلّامه اِبنِ حَجَر مڪي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ’’الـزَّوَاجِر‘‘ ۾ هن (عِلم ) کي فَرضِ ڪـفَايه لکيو آهي۔([1]) نَماز جي صِحّت جو مسئلو هجي يا روزي جي دُرُستگي جو، ان بابت اَحْڪام علمِ تَوْقيت جي سبب آهن، اوقاتِ صَوم و صلوٰة جي ڄاڻ کپي يا صحيح سَمت ِ قِبله جو تَـعَـيُّن ان عِلْم جي بغير ممڪن ناهي، جيتوڻيڪ مسجد جي عمارت سان سَمتِ قبله معلوم ته ٿي سگھي ٿي پر قبله رُو مسجد تَعْمِير ڪرڻ جي لاءِ ته ان فَنّ کي ڄاڻڻ پوءِ به اهم آهي ، تنهنڪري هن علم جي اَهميت ۽ اِفَادِيت جي پيشِ نظر تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت باقاعده هڪ شعبو قائم آهي، جنهن جو ڪم علمِ توقيت جي ذريعي مختلف مقامات جا اَوقاتِ صَوم و صلوٰة جا دُرُست نقشا تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان علم کي عام ڪرڻ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مجلسِ تَوْقيت هينئر تائين نه صرف علمِ تَوْقيت جي اُصُول ۽ قوانين جي مُطابق بي شُمار شهرن جا اَوْقاتُ الصَّلٰوة جا نقشا تيار ڪيا آهن بلڪ هن سلسلي ۾ وڌيڪ هڪ قدم وڌائيندي دعوتِ اسلامي جي مايه ناز مجلس آئي ٽي جي تعاوُن سان هڪ اهڙو سافٽ وئير بنام ”اَوقاتُ الصَّلٰوة“ به مُتَعَارَف ڪرايو آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل وغيره تي نمازن جي دُرُسْت وقْت جي نشاندهي ۾ بي حد مُفيد آهي۔ ڪمپيوٽر سافٽ وئير جي ذريعي سڄي دُنيا جا تقريباً 27 لک مقامات جڏهن ته موبائل ايپلي ڪيشن(Mobile Application) جي ذريعي تقريباً 10هزار مقامات جي لاءِ درست اَوقاتِ نماز ۽ سمتِ قبله به معلوم ڪري سگھجن ٿا۔

 



[1]مکاتیبِ ملک العلما قلمی، حیاتِ ملک العلما ص۸، مطبو عہ ادارہ معارف نعمانیہ مرکز الاولیاء لاھور