Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عقيقو ڪرڻ سنّت عمل آهي. (فتاويٰ رضويہ ج 20 ص 586) صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه، حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللّٰهِ الۡـقَوِی فرمائن ٿا؛ عقيقي جي لاءِ ستون ڏينهن بهتر آهي ۽ جيڪڏهن ستين ڏينهن نه ڪري سگهو ته جڏهن چاهيو ڪري سگهو ٿا، سنّت ادا ٿي ويندي۔ ڪِن اهو چيو آهي ته ستين يا چوڏهين يا ايڪيهين ڏينهن يعني ستن ڏينهن جو لحاظ رکيو وڃي، اِهو بهتر آهي۔ ۽ ياد نه رهـي ته هيئن ڪريو جو ٻار جنهن ڏينهن پيدا ٿيو ان ڏينهن کي ياد رکو ان کان هڪ ڏينهن پهريان وارو ڏينهن جڏهن اچي ته اهو ستون ڏينهن ٿيندو، مثلاً جمعي تي پيدا ٿيو ته خميس ستون ڏينهن آهي ۽ ڇنڇر تي پيدا ٿيو ته ستون ڏينهن جمعو ٿيندو، پهرين صورت ۾ خميس جي ڏينهن ۽ ٻي صورت ۾ جمعي جي ڏينهن عقيقو ڪندو ته اهو ستين ڏينهن ۾ شمار ٿيندو۔   (بهارِشريعت ج۳ص ۳۵۶) 

عقيقي جي باري ۾ تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رِسالو "عقيقي جي باري ۾ سوال جواب" جو مطالعو فرمايو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي ڏوهٽن سان مَحَبَّت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هتي اها ڳالھ غور لائق آهي ته عام طور تي جڏهن به ٻار پيدا ٿيندو آهي عقيقو ان جا والدين ئي ڪندا آهن، پر اسان ڏسون ٿا ته جڏهن حضرت سَيدُنا امامِ حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي ولادت ٿي تڏهن به ۽ جڏهن حضرتِ سَيدُنا امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پيدا ٿيا تڏهن به عقيقو انهن جي والِدَين نه ڪيو بلڪ انهن جا نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي پنهنجي پيارن ڏوهٽن جو عقيقو فرمايو، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته حُضُورعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام پنهنجن ڏوهٽن سان ڪيتري مَحَبَّت ڪندا هئا؟ آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام نه صرف