Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

جو شان ۽ شوڪت به ظاهر ٿيو۔ ٻئي شهزادا پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مشابهت رکندا هئا۔

(بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي، باب مناقب الحسن والحسين رضي الله عنهما، ۲/۵۴۷،حديث :۳۷۵۲و۳۷۴۸ملتقطا)

حضرت سيدنا عُقْبَه بن حارِث رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ عصر نماز پڙھي پوءِ ٻاهر نڪتا، سندن سان گڏ حضرت سيدنا عَلي الْمُرْتَضٰيکرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم به هئا۔ هڪ ڀيري حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ حضرت سيدنا امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي ٻارن سان گڏ کيڏندي ڏٺائون ته محبت مان انهن کي پنهنجي ڪلهي تي کنيائون ۽ فرمايائون: منهنجو پيءُ هن تي قربان ! هي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان هڪجھڙائي رکن ٿا، علي سان هڪجھڙائي نٿا رکن جڏهن ته حضرت سيِّدُنا عليُ الۡمُرتضٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ  مُرڪي رهيا هئا۔ (بخاري، ڪتاب المناقب، باب صفة النبي، ۲/۴۸۶،حديث: ۳۵۴۲)

                                                                         

تیری نسلِ پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا

تُو ہے عینِ نور تیرا سب گھرانہ نور کا

                                                                 (حدائقِ بخشش،ص:۲۴۶)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً حَضْرت سَيدُنا امام حَسَن ۽ حَضْرت سَيدُنا امام حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا ڪرم ۽ شفقت جي باغ جا مهڪندڙ گل آهن، اهي ٻئي سرڪارِ ڪائنات، فخرِ مَوْجُودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا آهن، آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هنن سان بيحد مَحَبَّت هئي، اچو! انهن جي مَحَبَّت کي وڌائڻ ۽ پنهنجي لاءِ نيڪيون لکائڻ جي نِيت سان انهن جو ذڪرِ خير ٻڌون ٿا:

نالو، ڪُنيت ۽ لقب: