Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

انهن ٻنهي شهزادن مان وڏا حضرتِ سَيدُنا امام حَسَن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ آهن۔ سندن جي ڪنْيت ”ابو محمد“ آهي۔ لقب”تَقِي ۽ سَيد“ جڏهن ته عرف ’’سِبْطُ رَسُولِالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم“ ۽ ”سبطِ اڪبر“ آهي۔ اوهان کي رَيۡحَانَۃُالرَّسُوْل (يعني رسولِ خدا جا گل) ۽ ”آخِرُالۡخُلَفَاءِ بِالنَّصِّ (يعني حديثِ پاڪ جي مطابق آخري خليفه) به چون ٿا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي مُبارَڪ ولادت 15 رَمَضانُ المُبارَڪ 3 هجري جي رات ۾ مديني شريف ۾ ٿي، حُضُور سَيّدِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ستين ڏينهن اوهان جو عقيقو ڪيو ۽ وار جُدا ڪيا ويا ۽ حڪم ڏنو ويو ته وارن جي وزن برابر چاندي صدقو ڪئي وڃي. (تاريخُ الْخُلَفَا، بابُ الحسن بن علي بن ابي طالب، ص۱۴۹وروضۃ الشهداء (مترجم)، باب ششم،۶/۱۳۹) اوهان جو نالو اِمامُ الانبياء،سَيدُ الاَسْخِيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي ’’حسن‘‘رکيو۔ (سوانحِ ڪربلا،ص۹۲)

سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جا ننڍا ڀاءُ امامِ عالي مقام، حَضرتِ سَيدُنا امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي ولادت 5 شعبانُ المعظم سن 4 ھ تي مديني شريف ۾ ٿي، انهن جو نالو به حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم’’حُسَين‘‘ ۽ ’’شبّير‘‘ رکيو جڏهن ته اوهان جي ڪنْيت ’’ابو عبدالله‘‘ ۽ اوهان جو لقب به ’’سِبۡطُ رَسُوۡلِ الله ‘‘(يعني رسولِ خدا جا ڏوهٽا) ۽ ’’رَيحَانَۃُ الرَّسُوْل‘‘(يعني رسولِ خدا جو گل) آهي ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ به جنتي جوانن جا سردار آهن۔ (اسد الغابۃ، باب الحاء والحسين،۱۱۷۳۔الحسين بن علي،ص۲۵،۲۶ملتقطاًوسير اعلام النبلاء،۲۷۰۔الحسين...الخ،۴/۴۰۲۔۴۰۴)

اُمُّ الْمُؤمنين حضرت سَيّدَتُنا عائشه صديقه رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت سَيّدُنا امام حَسن ۽ امام حُسين رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا جي پيدائش جي ستين ڏينهن، انهن جي طرفان ٻه ٻه ٻڪريون عَقيقي ۾ ذَبْح ڪيون۔  (مصنف عبد الرزاق ،باب العقيقه ،۴/۲۵۴,حديث:۷۹۹۳)