Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:             نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1]  

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جنّتين جا سردار

حَضْرت سَيدُنا حُذيفه بن يمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ’’هڪ ڀيرو مون پنهنجي امڙ سائڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها کي عَرض ڪيو: اوهان مون کي اجازت عطا ڪيو ته مان نبيء رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اقتدا ۾ مَغرِب جي نماز ادا ڪيان ۽ عَرض ڪيان ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون ۽ توهان لاءِ مغفرت جي دعا

 

 



[1] (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)