Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

فرمائن، حضرتِ سَيدُنا حذيفه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: مان نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بابرڪت بارگاھ ۾ حاضر ٿيس ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِقتدا ۾ مَغرِب نماز پڙھي، جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عشاء جي ادائيگي کان به فارغ ٿي ويا ۽ وڃڻ لڳا ته مان به پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان پويان هلڻ لڳس۔

نبي غيب دان، رسولِ ذيشانصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو آواز ٻڌو ته فرمايائون: ڪير؟ ڇا حذيفه؟ عرض ڪيم: جي ها! اِرشاد فرمايائون: توهان جي ڪهڙي حاجت آهي؟ غَفَرَ اللهُ لَکَ وَ لِاُمِّکَ يعني الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي ۽ توهان جي امڙ جي مغفرت فرمائي! پوءِ فرمايائون: اهو هڪ ملائڪ آهي، جيڪو ان رات کان پهريان ڪڏهن به زمين تي ناهي لٿو، ان پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ کان اجازت گھري ته مون کي سلام ڪري ۽ مون کي بِشارت ڏي ته: ’’بِاَنَّ فَاطِمَۃَ سَیِّدَۃُ نِسَآءِ اَہْلِ الْجَنَّۃِ يعني فاطمه (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها) جنّتي عورتن جون سردار آهن، وَاَنَّ الْحَسَنَ وَالْحُسَیْنَ سَیِّدَا شَبَابِ اَہْلِ الْجَنَّۃِ ۽ حَسَن ۽ حُسَين (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) جنّتي نوجوانن جا سردار آهن۔

(سنن الترمذي، ابواب الماقب عن رسول الله، باب مناقب حسن بن علي بن ابي طالب، حديث:۳۷۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

غيب دان آقا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته تاجدارِ رِسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن نبوّت جي نور سان حَضرت حذيفه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ  کي سڃاڻي به ورتو ۽ انهن جي دلي حاجت به مَعلُوم ڪري ورتي ته هي ڇو اچي رهيا آهن؟ ۽ انهن جي چَوڻ بِنا انهن جي لاءِ ۽ انهن جي والده جي لاءِ مغفرت جي دعا به فرمائي۔ يقيناً اسان جا آقا، مڪي مَدَني مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دل جي حالت پوشيده نه آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ته پٿرن جي حالت به ظاهر آهي،