Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

جا جگر بند، حَضْرت بي بي فاطمه زهرا رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْها جا شهزادا ۽ اَمِيرُ المؤمنين حَضرتِ سَيدُنا علي المرتضيٰ کرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم جا دُلارا (نهايت ئي پيارا ۽ دادلا) آهن، انهن جا فضائل ۽ مناقب بي شمار آهن، ڇو نه هجن جو انهن جو گھراڻو ئي سمورن فضيلتن ۽ ڪمالن ۽ برڪتن ۽ چڱائين جو منبع ۽ مرڪز آهي۔ اهي ٻئي شهزادا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪمالات جا مظهر ۽ جامع هئا۔ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اهلِ بيت مان حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان بي پناه مَحَبَّت ڪندا هئا،

مَحَبَّت جو نِرالو انداز

حَضْرت اُسامه بن زيد رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته مان هڪ رات ڪنهن ڪم سبب نبي اڪرم،نورِ مجسّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته نبي پاڪ،صاحبِ لولاڪصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان طرح تشريف فرما ٿيا جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا شيء هنج ۾ کنئي هئي، مون کي خبر نه هئي ته اها ڇا آهي، جڏهن مان پنهنجي ضرورت کان فارغ ٿيس مون پڇيو هي ڇا آهي؟ جيڪا اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هنج ۾ کنئي آهي؟ حُضُور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ان کي کوليو ته حَسن ۽ حُسين (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) سندن (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي هنج ۾ هئا، پوءِ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: اهي ٻئي منهنجا پٽ، منهنجي ڌيء جا پٽ آهن۔ الٰهي! مان انهن ٻنهي سان مَحَبَّت ڪيان ٿو تون به هنن سان مَحَبَّت فرما ۽ جيڪو هنن سان مَحَبَّت ڪري ان سان به مَحَبَّت فرماءِ!

(ترمذي ، باب مناقبِ حسن رضي الله عنه ،۵/ ۴۲۷،حديث ۳۷۹۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! حُضُور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام کي حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان ڪيتري محبت هئي جو آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڪنهن موقعي تي ٻنهي شهزادن کي ڪيتري مَحَبَّت ڀري انداز سان پنهنجي سيني