Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

جي آهي، ازواج سان ٻي قسم جي، دوستن سان ٻي قسم جي۔ اولاد ۾ حضرات حسنين نهايت پيارا آهن، ازواج ۾ حضرت عائشه صديقه محبوبه محبوبِ ربُّ العالمين آهن، دوست احباب ۾ حضرت ابوبڪر صديق نهايت پيارا آهن ان ڪري حديثن ۾ تعارض ناهي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا ته حضور انهن کي ڇو نه سنگھن، اهي ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا گل هئا، گل سنگھيا ئي ويندا آهن، انهن کي سيني سان لڳائڻ ڀاڪر پائڻ انتهائي محبت ۽ پيار جي ڪري هو۔ ان مان معلوم ٿيو ته ننڍن ٻارن کي سنگھڻ، انهن سان پيار ڪرڻ، انهن کي ڳلي لڳائڻ سنّتِرسولُاللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي۔ (مراۃ المناجيح،۸/۴۷۷)

جو اپنی زندگی میں سُنّتیں ان کی سجاتے ہیں

انہیں  پیارا   محمد   مصطفٰے   اپنا   بناتے   ہیں

                             (وسائلِ بخشش مرمم ،ص۲۸۹)

حسنين ڪريمين ڪي حوصله افزائي

حضرت سيدتنا عائشه صديقهرَضِي الله تَعَالٰي عَنْها کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حَسَنَينِ ڪريمَينرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون ڪُشتي وڙهي رهيا هئا۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم امام حسن  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي فرمائي رهيا هئا: حسن! حسين کي پڪڙي وٺو۔حضرت سيدتنا عائشه صديقهرَضِي الله تَعَالٰي عَنْهافرمائن ٿيون: مون عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اوهان حَسَن جي حوصله افزائي فرمائي رهيا آهيو، حالانڪ اهي وڏا آهن؟ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ٻئي پاسي جبريل امين آهن جيڪي حُسين کي ائين ئي چئي حوصله افزائي فرمائي رهيا آهن.

(سير اعلام النبلاء ،الحسن بن علي ،۴/۳۹۲)