Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

حَسَنَينِ ڪريمَين سان پيار ۽ مَحَبَّت ڪندا هئا بلڪ پاڻ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڪيئي موقعن تي انهن جي شان ۽ عظمت کي به بيان فرمايو آهي، اچو ’’حَسَنَين‘‘ جي پنج (5) اکرن جي نسبت سان انهن جي عظمت ۽ شان جي باري ۾ پنج (5) حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

1)             اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فارُوقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مون حضرت سَيدُنا امام حَسن ۽ حضرتِ سَيدُنا امام حُسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي سرڪار (عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام) جي ڪلهن تي سُوار ڏٺو ته چيم: اوهان ٻنهي جي سُواري ڪيتري شاندار آهي؟ ته نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: ۽ سوار به ته ڪيترا لاجواب آهن۔

 (ترمذي، باب مناقبِ حسن رضي الله عنه ج۵، ص۴۳۲، حديث ۳۸۰۹)

2)             هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ اِرْشاد فرمايائون: مَنْ اَحَبَّھُمَا فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَبْغَضَھُمَا فَقَدْ اَبْغَضَنِي يعني جنهن اِنهن سان مَحَّبت ڪئي، اُن مون سان مَحَّبت ڪئي ۽ جنهن انهن سان عَداوت (يعني دُشمني) ڪئي ان مون سان عَداوت (يعني دُشمني) ڪئي۔ (ابن ماجه،ڪتاب السنۃ،باب في فضائل اصحاب رسول اللّٰه،۱/۹۶، حديث:۱۴۳)

3)          حَسَن ۽ حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جَنَّتي جوانن جا سردار آهن۔ (سنن الترمذي،ڪتاب المناقب، باب مناقب ابي محمد الحسن بن علي...الخ، الحديث:۳۷۹۳،ج۵،ص۴۲۶)

4)             حُضُورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن ٻنهن ننڍڙن کي سِنگھندي مبارڪ سيني تي ليٽائيندا هئا۔(سنن الترمذي،ڪتاب المناقب،باب مناقب ابي محمد الحسن بن علي...الخ، الحديث:۳۷۹۷،ج۵،ص۴۲۸)

5)              هُمَا رَيْحَانَتَايَ مِنْ الدُّنْيَا يعني حَسن ۽ حُسَين (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) دُنيا ۾ منهنجا ٻه گل آهن۔ (ترمذي ، باب مناقبِ حسن رضي الله عنه ج۵،ص ۴۲۷،حديث ۳۷۹۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حَسَنَينِ