Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

اُن دو کا صدْقہ جن کو کہا میرے پھُول ہیں

کیجے رضاؔ کو حَشْر میں خَنْداں مِثالِ گل

(حدائقِ بخشش ،ص 77)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ٻارن جي دلجوئي ڪرڻ، انهن سان شفقت سان پيش اچڻ ۽ حوصله افزائي ڪرڻ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مُبارڪ انداز آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته پنهنجي ٻارن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ گھرجي ۽ هر معاملي ۾ انهن سان شفقت ڀريو ورتاؤ ڪرڻ گهرجي، انهن کي پاڻ سان گڏ کارائڻ گھرجي ۽ انهن کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔

حضرت سَيدَتُنَا عائشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا روايت ڪن ٿيون ته رسول الله       صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”بيشڪ جنّت ۾ هڪ گهر آهي جنهن کي ”الفرح“ چيو ويندو آهي ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جيڪي ٻارن کي خوش ڪندا آهن۔“ (جامع صغير ،الحديث۲۳۲۱،ص۱۴۰)

ٻارن سان مَحَبَّت ڪيو

مَعْلُوم ٿيو ته پنهنجي اولاد ۽ ٻارن کي خوش ڪرڻ جنّت ۾ داخلي جو سبب به آهي۔ ٻار جي نفسياتي ضرورتن مان به هي آهي ته انهن سان مَحَبَّت ۽ شفقت ڀريو ورتاؤ ڪيو وڃي، اهي ٻار جيڪي ماءُ پيءُ جي مَحَبَّت کان محروم رهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اُهي نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا نظر ايندا آهن، بهترين کاڌن، ڪپڙن ۽ رانديڪن جي بدران ٻار ان ڳالھ جو وڌيڪ محتاج هوندو آهي ته ان جا ماءُ پيءُ ان تي توجهه ڏين ۽ ان سان مَحَبَّت ڪن۔