Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

اظهار ڪندا ها۔

الله تعاليٰ اسان کي به حضراتِ حسنينِ ڪريمين، جميع اهلِ بيتِ اَطهار سميت سمورن صحابه سڳورن رِضْوانُ الله عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان نه صرف خود مَحَبَّت ڪرڻ بلڪ پنهنجي اَوْلاد کي به انهن جي مَحَبَّت ۽ سيرت تي هلندي زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڳالھ ٻولھ بابت سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ  تری سُنَّت  کا مدینہ  بنے آقا

جنّت  میں  پڑوسی  مجھے  تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اچو دعوتِ اسلامي جي شايع ٿيل رسالي ”101 مَدَني گل“ مان ڳالھ ٻولھ جي حوالي سان ڪجھ اَهم مَدَني گل ٻڌون ٿا:* مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي ۔*مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵