Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

مدني بهار:

مَٿرا (هند) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه هيئن بيان آهي ته ”مان هڪ ماڊرن نوجوان هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ منهنجو مشغلو هو، مڪتبةالمدينہ تان جاري ٿيل بيان جي ڪيسيٽ ”T.Vکی تباہ کاریاں“ ٻُڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، جنهن مون ۾انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، مان دعوت اسلاميءَ جي مدني ماحول سان مُنسلڪ ٿي ويس، مونکي Appendix جي بيماري ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو مشورو ڏنو مان گهٻرائجي ويس ايتري ۾ دعوت اسلاميءَ جي هڪ مبلّغ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾پهريون ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ دعوتِ اسلاميءَ جي سنّتن جي تربيت جي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مدني قافلي جي برڪت سان بغير آپريشن منهنجي بيماري ختم ٿي وئي. اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ منهنجي جذبي کي مديني جا ٻارهـن چنڊ لڳي ويا. هاڻي مان هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندو آهيان ۽ هر مهيني مدني انعامات جو ڪارڊ جمع ڪرائيندو آهيان ۽ مسلمانن کي فجر جي نماز خاطر جاڳائڻ لاءِ محلي جڳ گهٽين ۾ صداءِ مدينہ لڳائيندو آهيان.  (فيضانِ سنت، ص۲۴۸)

لگا فجر میں بھائی گھر گھر میں جا کر

ذرا دِل لگا کر "صدائے مدینہ"

(وسائل بخشش مُرمّم،ص 369)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حَسَنَينِ ڪريمَين جي دلجوئي جا مختلف انداز