Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان ڪمال جي مَحَبَّت ۽ اُلفت هئي، اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن ٻارن سان ان ڪري پيار ۽ مَحَبَّت سان پيش نٿا اچن ته ڪٿي انهن جو رُعب ۽ دٻدٻو ختم نه ٿي وڃي، انهن جي لاءِ آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جو هي عمل نصيحت جوڳو درس آهي ته حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سيدِ ڪائنات هئڻ جي باوجود به پنهنجي ڏوهٽن کي ڪلهن تي سوار ڪندا هئا، آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام حَسَنَينِ ڪريمَين جي محبت کي پنهنجي مَحَبَّت قرار ڏنو ۽ حَسَنَينِ ڪريمَين سان دشمني کي پاڻ سان دشمني قرار ڏنو، پنهنجي اولاد کي چُمڻ، سيني سان لڳائڻ، ڪلهن تي سوار ڪرڻ ۽ اُنهن کي سيني سان لڳائڻ اهو ته ٿئي ٿو پر آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي سِنگھندا به هئا ۽ فرمائيندا هئا حسن ۽ حسين(رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) دنيا ۾ جنت جا گل آهن۔

(مراٰۃ المناجيح،باب مناقب اهل بيت النبي، الفصل الاول، ۸/۴۶۲)

اُن دو کا صدقہ جن کو کہا میرے پھُول ہیں

کیجئے  رضاؔ  کو  حَشْر  میں  خَنْداں مثالِ گُل

شرحِ ڪلامِ رضا:

اي منهنجا پيارا آقا! پنهنجي جن ٻن شهزادن کي اوهان پنهنجو گل فرمايو يعني حَضرت امامِ حسن ۽ حضرتِ امام حسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا انهن جي صدقي ۾ رَضا کي ميدانِ محشر ۾ هر قسم جي مشڪلات ۽ پريشانين کان بچائي مرڪندڙ (يعني ٽڙندڙ) گل وانگر ڪري ڇڏ۔  (شرح حدائقِ بخشش، ص:۲۱۷، ماخوذاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اهلِ بيت جي مَحَبَّت ايمان جو جُز آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هڪ مُسَلمان جي لاءِ لازم آهي ته اهو پنهنجي