Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻارن جي طبيعت نهايت حُسّاس هوندي آهي ۽ انهن جي دل شيشي کان وڌيڪ نازڪ هوندي آهي۔ جيڪڏهن ٻارن کي ٿوري ٿوري ڳالھ تي جهڻڪبو دڙڪا ڏبا يا انهن کي ماريو ويندا ته انهن جي طبيعت ۾ چِڙچڙا پن، بدتميزي ۽ بدمزاجي جهڙيون خاميون پيدا ٿي وينديون آهن ائين ان قيمتي سرمايي جي غلط طريقي سان سنوارڻ سان انهن جي قدر قيمت ۾ گهٽتائي اچي ٿي، ۽جيڪڏهن ٻارن جي دلجوئي ڪرڻ ۽ انهن سان گُھلي مِلي وڃڻ سان انهن ۾ خود اعتمادي، برداشت ۽ حُسنِ اَخلاق جهڙيون خوب صورت وصفون پيدا ٿينديون آهن ۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻارن سان نهايت پيار ڪندا هئا ۽ شفقت ۽ مَحَبَّت ڀريو سلوڪ ڪندا هئا جڏهن ته حضرت سيدنا امام حسن ۽ حضرت سيدنا امام حُسَينرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي دلجوئي فرمائڻ ۾ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو انداز ئي نرالو هو، اچو ان بابت ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

سرڪار سجدي کي ڊگھو ڪندا هئا

حضرت سَيدُنا عبدُالله بن شَدَّاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پنهنجي والد حضرت شَدَّاد بن ھَاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت ڪن ٿا ته هڪ دفعي رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مغرب يا عشا جي نماز پڙھائڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم امام حسن يا امام حسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا مان ڪنهن هڪ شهزادي کي کنيل هئا۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نماز پڙھائڻ جي لاءِ اڳتي وڌيا ۽ شهزادي کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو۔ پوءِ نماز جي لاءِ تڪبير فرمائي ۽ نماز شروع ڪري ڇڏي۔ نماز دوران پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڊگھو سجدو فرمايو، حضرت سيدنا شَدَّادرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا مون مٿو کڻي ڏٺو ته شهزادا سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُٺي مبارڪ تي سوار آهن ۽ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سجدي ۾ آهن، مان